فشريز کاتي طرفان سمنڊ ۾ طوفاني صورتحال ۽ خراب موسم سبب ماهگيرن لاءِ  هنگامي الرٽ جاري

ڪراچي _31 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز  کاتي سامونڊي طوفان جي صورتحال ۽ خراب موسم سبب ماهيگرن لاءِ هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. فشريز کاتي جي ترجمان چيو ته پهرين کان 2 آگسٽ تائين ماهگير اونهي سمنڊ جو رخ نه ڪن . هن چيو ته اهو فيصلو پي ڊي ايم اي جي جاري الرٽ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز …

ڪراچي _31 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز  کاتي سامونڊي طوفان جي صورتحال ۽ خراب موسم سبب ماهيگرن لاءِ هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. فشريز کاتي جي ترجمان چيو ته پهرين کان 2 آگسٽ تائين ماهگير اونهي سمنڊ جو رخ نه ڪن . هن چيو ته اهو فيصلو پي ڊي ايم اي جي جاري الرٽ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي ترجمان ماهيگيرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پهرين کان 2 آگسٽ تي مڇي جي شڪار تي ويندڙ ٻيڙيون واپس آنديون وڃن. حڪومتي  حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ماهگير فوري طورتي  لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪن.

مزید خبریں