حڪومت معيشت کي مستحڪم ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي ڀرپور عملدرآمد جاري رکيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي بئنڪ جي پاڪستان جي ترقياتي سفر ۾ مسلسل مدد کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت معيشت کي مستحڪم ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي ڀرپور عملدرآمد جاري رکيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابزر جي قيادت م وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن …

اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي بئنڪ جي پاڪستان جي ترقياتي سفر ۾ مسلسل مدد کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت معيشت کي مستحڪم ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي ڀرپور عملدرآمد جاري رکيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابزر جي قيادت م وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن جمعي ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي بئنڪ سان پاڪستان جي پراڻي حصيداري کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اداري جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم عالمي بئنڪ جي پاڪستان جي ترقياتي سفر ۾ مسلسل مدد تي ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم چيو ته حڪومت معيشت کي مستحڪم ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي ڀرپور عملدرآمد جاري رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئيني وفاقي ڍانچو، صوبائي خودمختياري ۽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ مشاورت ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر “پاڪستان ۾ مالياتي وفاقيت کي مضبوط بڻائ” جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي ۽ ان جي اهم نقطن تي بريفنگ ڏني. ورلڊ بئنڪ جي وفد پنهنجي رپورٽ جا اهم نقطا پيش ڪندي پاڪستان ۾ 18هين آئيني ترميم ۽ ستين قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ کانپوءِ مالياتي وفاقيت جي ارتقا، اوڳاڙين، خرچن، وفاقي ۽ صوبائي ماليات لاڳاپن، اداراجاتي هم آهنگي ۽ عوامي وسيلن جي استعمال بابت پنهنجي تجزيي ۽ مشاهدن کان  آگاهه ڪيو. وفد پنهنجي رپورٽ ۾ مختلف پاليسي سفارشون پڻ پيش ڪيون جن جو مقصد مالياتي نظم ۽ ضبط، وسيلن جي موثر استعمال، خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ موثر تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ پارانپ يش ڪيل تجزيي ۽ عالمي تجربن جي روشني ۾ تقابلي جائزو ساراهه جوڳو آهي، اهڙا مطالعا پاليسي سازي جي عمل ۾ ڪارائتي رهنمائي فراهم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. وزيراعظم رپورٽ جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي لاءِ اعلى سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اها ڪميٽي عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ پيش ڪيل سفارشن جو لاڳاپيل ڌرين بشمول صوبن سان مشاورت ۽ پاڪستان جي آئيني ۽ وفاقي ڍانچي کي نظر ۾ رکندي جائزو وٺندي ته جيئن عوامي مفاد ۾ عمل جوڳي تجويزن تي غور ڪري سگهجي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما ۽ احسن اقبال، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ اعلى سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں