اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمعي ڏينهن ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان موجب فوجي اعزاز سندس فور اسٽار جي عهدي تي ترقي ۽ اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي ڪمانڊر طور مقرري کان پوءِ ڏنو ويو آهي. پنهنجي نئين عهدي کان اڳ، عامر رضا پاڪستان آرمي جي چيف …
صدر پاران ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمعي ڏينهن ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان موجب فوجي اعزاز سندس فور اسٽار جي عهدي تي ترقي ۽ اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي ڪمانڊر طور مقرري کان پوءِ ڏنو ويو آهي. پنهنجي نئين عهدي کان اڳ، عامر رضا پاڪستان آرمي جي چيف آف دي جنرل اسٽاف جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم شهباز شريف کيس 24 جولاءِ تي فور اسٽار جنرل جي عهدي تي ترقي سان گڏوگڏ کيس ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ مقرر ڪيو هو.











