اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا جي ڀرسان سورنج جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جمعي تي جاري ڪيل بيان موجب، صدر حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي مغفرت، درجن …
صدر پاران ڪوئيٽا جي ڀرسان سورنج جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا جي ڀرسان سورنج جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جمعي تي جاري ڪيل بيان موجب، صدر حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. هن هدايت ڪئي ته کاڻ ۾ ڦاٿل سڀني مزدورن تائين جلد کان جلد پهچ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي جانن جي حفاظت لاءِ حفاظتي ضابطن تي سختي سان عمل درآمد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کي روڪي سگهجي. هن چيو ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ مزدور طبقي جو ڪردار اهم آهي ۽ انهن جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي گڏيل ذميواري آهي.











