اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي سندس 133هين جنم ڏينهن تي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مادر ملت محترمه فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح جي قابل اعتماد ساٿي هئي، پاڪستان تحريڪ جي ناليواري اڳواڻ ۽ جمهوري قدرن …
صدر پاران مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي سندس 133هين جنم ڏينهن تي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي سندس 133هين جنم ڏينهن تي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، صدر ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مادر ملت محترمه فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح جي قابل اعتماد ساٿي هئي، پاڪستان تحريڪ جي ناليواري اڳواڻ ۽ جمهوري قدرن جي وڏي علمبردار هُئي. هن چيو ته مادر ملت عورتن کي قومي زندگي ۽ آزادي جي تحريڪ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني، سندس جدوجهد اڄ به قوم لاءِ مشعل راهه آهي. صدر چيو ته قوم مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي قومي، جمهوري ۽ سماجي خدمتن کي سدائين قدر ۽ احترام سان ياد رکندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي پنهنجي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.











