اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ جمهوريه آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ …
وزيراعظم پاران آذربائيجان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ جمهوريه آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران، وزيراعظم آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف جي سفارتي ذميوارين دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن جي فروغ لاءِ سندس مخلصاڻين ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم سياسي، واپاري، معاشي، دفاع، ثقافتي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ خاص طور تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌي رِيت اُڏامن جي شروعات ۾ سندس خدمتن جي کي تحسن لائق قرار ڏنو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي گذريل اڍائي سالن دوران آذربائيجان جي پنهنجي ڪيترن ئي دورن ۽ جولاءِ 2024ع ۾ صدر الهام عليوف جي پاڪستان جي دوري جي خوبصورت يادن کي تازو ڪيو. هن آذربائيجان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم کي ورجايو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سفير فرهادوف جي مقرري جي مُدي دوران قائم ٿيندڙ مضبوط بنياد مستقبل ۾ به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ رهنمائي ڪندي رهندي. وزيراعظم سفير خضر فرهادوف کي سندس مستقبل جي ذميدارين لاءِ نيڪ خواهشن ۽ ڪاميابي جي دُعا ڪئي. خضر فرهادوف سندس سفارتي ذميدارين دوران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان ملندڙ گرمجوشي، مهمان نوازي ۽ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي مقرري کي پنهنجي سفارتي ڪيريئر جو هڪ يادگار ۽ قابل فخر باب قرار ڏيندي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي آذربائيجان جي عزم کي ورجايو. ان موقعي تي، هن وزيراعظم کي پنهنجي خاندان جي پاڪستان ۾ رهائش دوران تجربن تي ٻڌل هڪ ڪتاب پڻ پيش ڪيو.











