اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا جي ڀرسان سورنج جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي ۾ مزدورن جي موت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته سورنج ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس ڀرجڻ سبب پيش آيل حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي. وزيراعظم …
وزيراعظم پاران ڪوئيٽا جي ڀرسان سورنج جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا جي ڀرسان سورنج جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش آيل افسوسناڪ حادثي ۾ مزدورن جي موت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته سورنج ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس ڀرجڻ سبب پيش آيل حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي. وزيراعظم پي ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي امدادي ڪاررواين کي موثر ۽ تيزي سان جاري رکڻ ۽ سڀني زخمين جي بروقت ريسڪيو ۽ علاج لاءِ خاص انتظام يقيني بڻائڻ ۽ متاثر مزدورن جي ريسڪيو ۽ امداد تائين آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ خصوصي دعا پُڻ ڪئي. وزيراعظم ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي جانين کي محفُوظ بڻائڻ لاءِ مستقل حفاظتي قدم کڻڻ جو به حڪم ڏنو. هن چيو ته مزدور اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن.











