پينشن ۽ پينشنري رعايتون رٽائرڊ ملازمن جا بنيادي قانوني حق آهن: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته پينشن ۽ پينشنري رعايتون رٽائرڊ ملازمن جا بنيادي قانوني حق آهن ۽ کين ڪنهن مجاز عدالت جي حڪم کانسواءِ روڪي نٿو سگهجي. جسٽس ارشد حسين طرفان لکيل 9 صفحن تي ٻَڌل فيصلي ۾ عدالت چيو ته پينشن ۽ رعايتن جي ادائگيءَ ۾ غير ضروري دير قانون جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته پينشن ۽ رعايتن جي ادائگيءَ ۾ …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته پينشن ۽ پينشنري رعايتون رٽائرڊ ملازمن جا بنيادي قانوني حق آهن ۽ کين ڪنهن مجاز عدالت جي حڪم کانسواءِ روڪي نٿو سگهجي. جسٽس ارشد حسين طرفان لکيل 9 صفحن تي ٻَڌل فيصلي ۾ عدالت چيو ته پينشن ۽ رعايتن جي ادائگيءَ ۾ غير ضروري دير قانون جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته پينشن ۽ رعايتن جي ادائگيءَ ۾ دير توهينِ عدالت جي زمري ۾ اچي سگهي ٿي. فيصلي ۾ چيو ويو ته اعليٰ عدليه ان حوالي سان ڪيترائي فيصلا ڏئي چڪي آهي. عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن عدالتي حڪم خلاف وقت سر اپيل يا نظرثاني دائر نه ڪئي وڃي ته اهو فيصلو حتمي حيثيت اختيار ڪري وٺي ٿو. دير سان دائر ڪيل نظرثانيءَ کي بعد ۾ آئيني درخواست ذريعي چئلينج نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته قانوني چاره جوئي کي آخرڪار پڄاڻيءَ تي پهچڻو هوندو آهي. وفاقي آئيني عدالت نجي بئنڪ جي ليبر ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي برطرف ڪيل ڊيلي ويجز ڊرائيور محمد اڪرم کي سمورين اڳوڻين رعايتن سميت بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته 17 سال گذرڻ باوجود ليبر ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي. فيصلي موجب ليبر ڪورٽ محمد اڪرم کي سمورين اڳوڻين رعايتن سان بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.