ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي فورسز کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪندي کين ڪامياب آپريشن تي مبارڪباد ڏني آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته وطنِ عزيز مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. هن چيو ته بارود سان ڀريل گاڏيون تباهه ڪري سيڪيورٽي فورسز ملڪ کي …
سنڌ جي وڏي وزير پاران خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائيءَ تي خراجِ تحسين پيش
ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي) وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي فورسز کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪندي کين ڪامياب آپريشن تي مبارڪباد ڏني آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته وطنِ عزيز مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. هن چيو ته بارود سان ڀريل گاڏيون تباهه ڪري سيڪيورٽي فورسز ملڪ کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو آهي.هن وڌيڪ چيو ته فتنه الهندوستان جي فتني کي پاڙان پٽي ختم ڪيو ويندو ۽ ملڪ دشمن عنصرن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا. وڏي وزير چيو ته قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ جي امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سندن قربانين کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو.











