صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ڪارروائي کي وقت سر ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ڪارروائي کي وقت سر ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته خضدار ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي بارود سان ڀريل ٻن گاڏين کي تباهه ڪرڻ …

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ڪارروائي کي وقت سر ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته خضدار ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي بارود سان ڀريل ٻن گاڏين کي تباهه ڪرڻ سيڪيورٽي فورسز جي اعلى پيشيواراڻي صلاحيت جو مظهر آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي قوم کي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکيون وڃن.