نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن بحيره احمر ۽ باب المندب ۾ تازي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين …

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن بحيره احمر ۽ باب المندب ۾ تازي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين خاص طور تي اوڀر يروشلم جي سنگين صورتحال تي غور جي لاءِ عرب ۽ اسلامي ملڪن جو اجلاس گهرائڻ جي اردن جي تجويز جي آجيان ڪئي جڏهن ته ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.