اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاور سيڪٽر ۾ سڌارن کي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل قرار ڏيندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ سمارٽ ميٽرز هڻڻ لازمي آهي، ڳوٺاڻي علائقن ۾ لوڊشيدنگ جي مسئلي کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳوٺن جي سطح تي شمسي توانائي (سولرائيزيشن) جا منصوبا تيار ڪيا وڃن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاور …
پاور سيڪٽر ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، سڄي ملڪ ۾ سمارٽ ميٽرز هڻڻ لازمي آهي، لوڊشيدنگ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳوٺن جي سطح تي شمسي توانائي جا منصوبا تيار ڪيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاور سيڪٽر ۾ سڌارن کي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل قرار ڏيندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ سمارٽ ميٽرز هڻڻ لازمي آهي، ڳوٺاڻي علائقن ۾ لوڊشيدنگ جي مسئلي کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳوٺن جي سطح تي شمسي توانائي (سولرائيزيشن) جا منصوبا تيار ڪيا وڃن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاور ڊويزن جي معاملن تي جائزه اجلاس خميس ڏينهن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز پوليس ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاور سيڪٽر ۾ سڌارا اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم پاور سيڪٽر سڌارن، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بهتر ڪارڪردگي تي پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پاور ڊويزن واري سيڪريٽري فخر عالم ۽ پاور سيڪٽر ٽاسڪ فورس جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته پاور سيڪٽر جي بهتري جي لاءِ اڃا وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ سمارٽ ميٽرز هڻڻ لازمي آهي. هن چيو ته بجلي چوري کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاور سيڪٽر ۾ هر سطح تي سخت قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بلنگ سسٽم جي ٽيڪنيڪل آڊٽ ڪرائڻ ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ پرفارمنس انڊيڪيٽرز جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن ٽائيم لائين سان ٺوس هدف مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بهترين ڪارڪردگي واري ڊسڪوز کي اعزاز سان نوازيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڳوٺاڻي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي مسئلي کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳوٺن جي سطح تي شمسي توانائي (سولرائيزيشن) جا منصوبا تيار ڪيا وڃن. اجلاس کي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جو ٽيڪنيڪي ۽ ڪمرشل مسلسل نقصان گهٽ ٿي رهيو آهي، گذريل مالي سال ۾ ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن لاسز جي مد ۾ سڀ کان گهٽ نقصان اسلام آباد، لاهور ۽ گوجرانوالا جي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي ٿيو. بريفنگ موجب مالي سال 2026 – 2025ع ۾ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني 100 سيڪڙو ريڪوريون ڪيون، بجلي جي چوري روڪڻ، ريڪوري بهتر بڻائڻ، ٽيڪنيڪي مسئلن جو بهتر حل ڪڍڻ ۾ مدد جي لاءِ حيدرآباد، سکر، لاهور، ملتان ۽ هزاره جي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ ڊسڪوز سپورٽ يونٽس قائم ڪيا ويا آهن. بريفنگ موجب ٽرانسفارمر جي سطح تي ايسيٽ پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم هڻڻ جي لاءِ پهريون مرحلو 30 سيپٽمبر 2026ع تائين مڪمل ٿيندو، اي پي ايم ايس سان ٺوس ٽرانسفارمر هڻڻ سان بجلي چوري ۽ لوڊشيڊنگ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملتان، لاهور، پشاور، هزاره ۽ ڪوئيٽا جي ريجنز ۾ 16.2 ملين سنگل فيز اي ايم آءِ ميٽرز هڻڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي.












