نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الوزارتي اجلاس، دوست ملڪن جي شاگردن لاءِ پاڪستان جي عالمي تعليمي تعاون ۽ اسڪالرشپ پروگرامز جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الوزارتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ دوست ملڪن جي شاگردن جي لاءِ پاڪستان جي عالمي تعليمي تعاون ۽ اسڪالرشپ پروگرامز جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب تعليم واري وفاقي سيڪريٽري اجلاس کي مختلف ملڪن جي شاگردن کي فراهم ڪئي ويندڙ اسڪالرشپس جي حوالي سان …

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الوزارتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ دوست ملڪن جي شاگردن جي لاءِ پاڪستان جي عالمي تعليمي تعاون ۽ اسڪالرشپ پروگرامز جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب تعليم واري وفاقي سيڪريٽري اجلاس کي مختلف ملڪن جي شاگردن کي فراهم ڪئي ويندڙ اسڪالرشپس جي حوالي سان بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تعليم واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ تعليمي رابطن ۽ تعاون جي فروغ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته دوست ملڪن سان تعليمي تعاون جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي ۽ تعليمي مٽاسٽا ۽ اسڪالرشپ جي موقعن جي ذريعي عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳوليا وڃن. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري، تعليم واري سيڪريٽري، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.