اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ڪراچي پورٽ مان نڪرندڙ گاڏين تي ايڪسل لوڊ جي حد تي سخت عملدرآمد ۽ اوور لوڊنگ تي ڳرا ڏنڊ، ايڪسل لوڊ مئنجمينٽ جي شفاف نظام ۽ سيڪريٽري مواصلات جي سربراهيءَ ۾ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جا اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، اهي فيصلا سندس صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا، جنهن ۾ اوور لوڊنگ جي …
مواصلات واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، اوور لوڊنگ جي روڪٿام ۽ قومي شاهراهن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي طئي ڪئي وئي
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ڪراچي پورٽ مان نڪرندڙ گاڏين تي ايڪسل لوڊ جي حد تي سخت عملدرآمد ۽ اوور لوڊنگ تي ڳرا ڏنڊ، ايڪسل لوڊ مئنجمينٽ جي شفاف نظام ۽ سيڪريٽري مواصلات جي سربراهيءَ ۾ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جا اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، اهي فيصلا سندس صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا، جنهن ۾ اوور لوڊنگ جي روڪٿام ۽ قومي شاهراهن کي پهچندڙ نقصان لاءِ جامع حڪمت عملي طئي ڪئي وئي. اجلاس دوران مواصلات واري وفاقي وزير کي ايڪسل لوڊ مئنجمينٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ جي موٽر وي پوليس ٻُڌايو ته موٽر ويز تي لاڳو قانون ڪنهن حد تائين بهتر آهن جڏهن ته قومي شاهراهن (هاءِ ويز) تي ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي اوور لوڊنگ سبب شاهران کي پهچندڙ نقصانن کان به آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير موٽر وي پوليس، ٽريفڪ پوليس ۽ اين ايڇ اي کي وي اسٽيشنز تي سخت نگراني جي هدايت ڪندي چيو ته ڳرا ڏنڊ ئي ٽرڪ مالڪن جي ڀڃڪڙين کي روڪي سگهن ٿا. هن قانون ۾ موجود خامين ۽ خال کي فوري ڀرڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته صوبائي ادارن سان گڏيل حڪمت عمليءَ سان ئي ان مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.












