پاڪستان کي لائيڊز جوائنٽ وار ڪميٽي جي لسٽڊ ايرياز مان ڪڍيو ويو: جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن ۽ فيلڊ مارشل جي رهنمائيءَ ۾ پاڪستان جي ميري ٽائم سيڪٽر هڪ ٻي اهم ۽ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پاڪستان ۽ ان جي سامونڊي حدن کي لائيڊز مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي جوائنٽ وار ڪميٽي جي لسٽڊ ايرياز مان خارج ڪيو ويو. خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن ۽ فيلڊ مارشل جي رهنمائيءَ ۾ پاڪستان جي ميري ٽائم سيڪٽر هڪ ٻي اهم ۽ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پاڪستان ۽ ان جي سامونڊي حدن کي لائيڊز مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي جوائنٽ وار ڪميٽي جي لسٽڊ ايرياز مان خارج ڪيو ويو. خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته 13 مارچ 2026ع تي اهو معاملو سامهون آيو ته پاڪستان ۽ ان جون سامونڊي حدون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جوائنٽ وار ڪميٽي جي لسٽڊ ايرياز ۾ شامل هيون، جنهن سبب ملڪي شپنگ ۽ واپار کي اضافي وار رسڪ انشورنس پريميم ۽ سرچارجز کي مُنهن ڏسڻو پوندو هو. هن چيو ته وزيراعظم ان اهم معاملي جي حل لاءِ سندس سربراهيءَ ۾ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن مسلسل محنت ڪندي لائيڊز لنڊن جي عملدارن سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون. رمضان المبارڪ دوران به افطار کانپوءِ ڪيترائي ڪلاڪ ڊگها اجلاس منعقد ڪيا، جنهن ۾ پاڪستان جو مؤقف فني شاهديون ۽ ٺوس حقيقتن سان پيش ڪيو ويو. جنيد انوار چوڌري چيو ته مسلسل ڳالهين ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ان جي سامونڊي حدن کي جوائنٽ وار ڪميٽيءَ جي لسٽڊ ايرياز مان هٽايو ويو آهي جنهن سان غير ضروري وار رسڪ انشورنس پريميم ۽ واڌو سرچارج ۾ گهٽتائي ايندي. شپنگ جا خرچ گهٽ ٿيندا ۽ عالمي شپنگ ڪمپنيون واپاري ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو.