سينيٽ چيئرمين پاران لاهور ۾ گهر جي ڇِت ڪِرڻ جي واقعي تي گهري ڏُک جو اظهار

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لاهور جي علائقي باغبانه پوره، سک شاخ ويجهو گهر جي ڇِت ڪِرڻ واري افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته افسوسناڪ واقعي …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لاهور جي علائقي باغبانه پوره، سک شاخ ويجهو گهر جي ڇِت ڪِرڻ واري افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته افسوسناڪ واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي. هن لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته مستقبل ۾ ان قسم جي حادثن جي روڪٿام لاءِ مؤثر، جامع ۽ جٽادار پاليسي جوڙي وڃي. تعميراتي ضابطن تي سختيءَ سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ جاني ۽ مالي نقصانن کان محفوظ رهي سگهجي.