سپريم ڪورٽ، نئين فڪسيشن پاليسيءَ تحت 8062 ڪيس مقرر،  6216 اُڪلايا ويا، پُراڻن ڪيسز جي فيصلن ۾ نمايان تيزي

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ 21 اپريل 2026ع کان لاڳو نئين فڪسيشن پاليسيءَ تحت 29 جولاءِ تائين مجموعي طور 8062 ڪيس ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا،  جن مان 6216 ڪيس اُڪلايا ويا، جڏهن ته موت جي سزا ۽ گرفتاريءَ کان اڳ واري ۽ گرفتاريءَ کان پوءِ واري ضمانت جي ڪيٽيگريز ۾ 2025ع تائين سمورن ڪيسن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئيشن جي ميمبرن …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ 21 اپريل 2026ع کان لاڳو نئين فڪسيشن پاليسيءَ تحت 29 جولاءِ تائين مجموعي طور 8062 ڪيس ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا،  جن مان 6216 ڪيس اُڪلايا ويا، جڏهن ته موت جي سزا ۽ گرفتاريءَ کان اڳ واري ۽ گرفتاريءَ کان پوءِ واري ضمانت جي ڪيٽيگريز ۾ 2025ع تائين سمورن ڪيسن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئيشن جي ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي رجسٽرار سهيل لغاري ٻُڌايو ته اها اڳڀرائي سمورن التوا هيٺ ڪيسن جي مڪمل ڊجيٽل ڪيٽيگريائزيشن، نئين فڪسيشن پاليسي ۽ عدالتي سڌارن سبب ممڪن ٿيو. هن چيو ته چيف جسٽس جو عهدو سنڀالڻ وقت سڀ کان وڏو مسئلو اهو هو ته عدالت وٽ صرف التوا هيٺ ڪيسن جو مجموعي انگ موجود هو پر اها خبر نه هئي ته ڪنهن قانوني شعبي ۾ ڪيترائي ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن، جنهن سبب ڪيسن جي ترجيحي بنيادن تي ٻُڌڻيءَ لاءِ مؤثر پاليسي ترتيب ڏيڻ ناممڪن هو. هن ٻُڌايو ته صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورين التوا هيٺ ڪيسن جي اسڪيننگ، بار ڪوڊنگ، او سي آر ذريعي ڊجيٽلائزيشن ۽ موضوعاتي ڪيٽيگريائزيشن جو عمل مڪمل ڪيو ويو. ان مقصد لاءِ ججز تي ٻَڌل خصوصي ڪميٽي ۽ ڪيٽيگريائزيشن سيل قائم ڪيو ويو جنهن هر ڪيس جو ڌار ڌار جائزو وٺي ان بابت قانوني زمري ۾ شامل ڪيو. سپريم ڪورٽ ان کان اڳ 44995 التوا هيٺ ڪيسن کي مڪمل طور ڊجيٽلائز ڪري چڪي آهي جنهن مان 11999 ڪيس اُڪلايا ويا آهن. رجسٽرار ٻُڌايو ته ڪيٽيگريائزيشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 21 اپريل 2026ع تي نئين فڪسيشن پاليسين لاڳو ڪئي وئي آهي جنهن تحت موت جي سزا، ضمانت، فيملي، ڪرايه داري، سروس، ٽيڪس، جيل پٽيشنز، ريمانڊ، توهينِ عدالت ۽ ٻين هنگامي قسم جي ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته 21 اپريل کان 29 جولاءِ تائين موت جي سزا جا 116 ڪيس اُڪلايا ويا ۽ هاڻ ان ڪيٽيگري ۾ 2025ع تائين جو ڪوبه ڪيس التوا هيٺ ناهي، ان عرصي ۾ گرفتاريءَ کان پوءِ واري ضمانت جا 370 ۽ گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت جا 282 ڪيسن جا فيصلا ٿي چڪا ۽ ان ٻنهي ڪيٽيگريز ۾ 2025ع تائين جا سمورا ڪيس اُڪلايا ويا. سهيل لغاري چيو ته فيمليءَ جي 140 ۽ ڪرايه داريءَ جي 104 ڪيسن کي پڻ اُڪلايو ويو جنهن کان پوءِ انهن ٻنهي شعبن ۾ 2024ع تائين جي سمورن ڪيسن جو فيصلو ٿي چڪو آهي. اهڙيءَ طرح سروس جي 1407 ۽ ٽيڪس جي 438 ڪيسن جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڪيٽيگريز ۾ عدالت 2018ع تائين سمورا ڪيس اُڪلائي چڪي آهي. هن ٻُڌايو ته نئين پاليسيءَ تحت 2020ع تائين داخل ٿيل 2347 ڪيس ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا جن مان 1829 ڪيسن جو فيصلو ٿي چڪو آهي. رجسٽرار چيو ته جيل پٽيشنز جي حوالي سان به نمايان اڳڀرائي ٿي آهي ۽ 31 ڊسمبر 2025ع تائين داخل ٿيل تقريبن سمورا جيل پٽيشنز مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته هاڻ 2026ع ۾ داخل درخواستن تي ٻُڌڻي ٿي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته جيل پٽيشنز ۽ وڪيلن ذريعي داخل ڪرمنل پٽيشنز ڌار ڌار قانوني ڪيٽيگريز آهن، ان لاءِ انهن جو انگ اکرن کي گڏجي نه ڏسڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته جنوري کان 30 جولاءِ 2026ع تائين جلد ٻُڌڻي (ارلي هيئرنگ) جون 1284 درخواستون مليون، جن مان 619 منظور ڪيون ويون جڏهن ته باقي درخواستون پاليسيءَ تي پورو نه لهڻ سبب رد يا ملتوي ڪيون ويون. سهيل لغاري چيو ته ڪيسن جي تجويز ڪيل ڪاز لسٽ پهرين کان جاري ڪرڻ جو نظام پڻ متعارف ڪرايو ويو ته جيئن ڏورانهن علائقن مان ايندڙ وڪيلن ۽ سائلن کي اڳواٽ تياريءَ جو موقعو ملي سگهي، جيڪڏهن ڪو ڪيس تجويز ڪيل فهرست مان حتمي ڪاز لسٽ ۾ شامل نه هجي ته ان جا سبب قانوني درخواست، ڌُر جي انتقال، لاڳاپيل متفرق درخواست يا ٻيا انتظامي معاملا ٿي سگهن ٿا. ائين هر شڪايت جي باقائدي جاچ ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪنهن برانچ جي ڪوتاهي سامهون آئي ته ان خلاف داخلي ڪارروائي پڻ ڪئي وڃي ٿي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته سپريم ڪورٽ ۾ آٽوفڪسيشن سسٽم پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ذريعي ڪيس جي پاليسيءَ موجب پاڻمرادي انداز ۾ ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ٿيندا ۽ انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ رهجي ويندي. سندس موجب هي نظام سپريم ڪورٽ هي جاري ڊجيٽلائز سڌارن جو حصو آهي جنهن اي فائلنگ، آن لائن، عدالتي خدمتون، ڊجيٽل ادائگي، عوامي سهولت مرڪز ۽ جديد ڪيس مئنجمينٽ سسٽم پڻ شامل آهن.