اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ ۽ صحت واري وزارت وچ ۾ 2 معاهدا ٿيا، جنهن موجب ڦهلجندڙ بيمارين جو اسپتال ۽ ريجنل بلڊ سينٽر ”انڊس“ جي حوالي ڪيا ويا آهن. حڪومت ٻنهي ادارن جي حوالگيءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ سان ايم او يو صحيح ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي …
انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ ۽ صحت واري وزارت وچ ۾ 2 معاهدا ٿيا، حڪومت ٻنهي ادارن جي حوالگيءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي: مصطفيٰ ڪمال
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ ۽ صحت واري وزارت وچ ۾ 2 معاهدا ٿيا، جنهن موجب ڦهلجندڙ بيمارين جو اسپتال ۽ ريجنل بلڊ سينٽر ”انڊس“ جي حوالي ڪيا ويا آهن. حڪومت ٻنهي ادارن جي حوالگيءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ سان ايم او يو صحيح ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اڄ وفاقي حڪومت جي صحت جي شعبي لاءِ هڪ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي. صحت واري وزارت ۽ انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو آهي جنهن تحت اسلام آباد انفيڪشن ڊيزيز اسپتال ۽ ريجنل بلڊ سينٽر جي انتظامي ۽ طبي خدمتن کي انڊس اسپتال نيٽ ورڪ حوالي ڪيون ويون آهن. هن چيو ته انفيڪشن ڊيزيز اسپتال چين جڏهن ته ريجنل بلڊ سينٽر جرمني جي تعاون سان جديد سهولتن سان تيار ڪيا ويا هئا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت مڪمل شفافيت سان گڏوگڏ قانوني ۽ پيپرا قاعدن موجب آزاد ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون. تفصيلي فزيبلٽي ۽ چٽاڀيٽي واري عمل کان پوءِ انڊس اسپتال نيٽ ورڪ جي چونڊ ڪئي وئي، هڪ قابل عمل ماڊل وزيراعظم کي پيش ڪيو جنهن جي منظوريءَ کان پوءِ اڄ هي معاهدو ممڪن ٿيو. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف عمارتون هلائڻ نه پر عوام کي معياري، مؤثر ۽ پائيدار طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، اسان کي يقين آهي ته اها اسپتال نه صرف موجود معيار کان بهتر خدمتون فراهم ڪنديون پر هڪ پائيدار نظام تحت ڊگهي عرصي تائين عوام جي خدمت ڪنديون رهنديون.












