آمريڪا – ايران ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۽ پاڪستان – قطر گڏيل پڌرنامو پائيدار امن جي عمل لاءِ بدستور بنيادي فريم ورڪ جي حيثيت رکن ٿا: پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي هفتيوار پريس بريفنگ

اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته نار خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۽ پاڪستان – قطر گڏيل پڌرنامو پائيدار امن جي عمل لاءِ بدستور بنيادي فريم ورڪ جي حيثيت رکن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته موجوده …

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته نار خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۽ پاڪستان – قطر گڏيل پڌرنامو پائيدار امن جي عمل لاءِ بدستور بنيادي فريم ورڪ جي حيثيت رکن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته موجوده ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ پاڪستان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪري ٿو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل رستو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڌرين کي ٻيهر اسلام آباد مفاهمتي يادداشت طرف آندو وڃي. ترجمان ڌرين تي زور ڏنو ته اهي وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ڪرڻ جي پنهنجي عزم تي مڪمل طور تي عمل ڪن. هن چيو ته جيتوڻيڪ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران صورتحال سراسري طور تي پُرسڪون رهي آهي تنهن هوندي به نار ۽ آبنائي هرمز ۾ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال اڃا به نازڪ آهي خاص طور تي غيررياستي عنصرن پاران سعودي عرب تي حملو انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسئلن جي پرامن حل جي لاءِ پُراميد آهيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڌريون ٻيهر ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه طرف واپس اينديون. ترجمان چيو ته وزيراعظم  محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قيادت ۾ پرڏيهي وزارت ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا صورتحال جي سمورن رخن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ آهن ۽ پاڪستان پنهنجا سمورا سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ ذريعا استعمال ۾ آڻيندي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح جي اسلام آباد جي سرڪاري دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هن پاڪستان – ڪويت دفاعي تعاون جي معاهدي جي ڪويت پاران توثيق جي آجيان ڪندي ان کي “اداراجاتي دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي” قرار ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ثالثي ۽ دفاعي تعاون هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۾ نه آهن ڇو ته ٻنهي جي نوعيت جدا جدا آهي. هن چيو ته ثالث جي طور تي اسان جو ڪردار ان حقيقت کان متاثر نه ٿو ٿئي ته اسان جا دفاعي معاهدا موجود آهن ۽ نه ئي دفاعي معاهدا اسان جي ثالثي جي ڪردار کي محدود ڪن ٿا، ٻئي پنهنجي پنهنجي جدا رخ ۾ ڪم ڪن ٿا. ترجمان ڊوئچي ويلي (ڊي ڊبليو) پاران پاڪستان جي ائٽمي پروگرام تي نشر ڪيل تازي دستاويزي فلم کي سختي سان رد ڪندي ان کي “فرسوده، قياس آرائين تي ٻڌل تبصرن ۽ جانبدار ذريعن جو ورجاءُ” قرار ڏنو. هن چيو ته اها دستاويزي فلم يا ته پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي تاريخ، ارتقاءَ ۽ ان جي پس منظر کان گهري اڻ واقفيت جي عڪاس آهي يا پوءِ ڄاڻي واڻي ان حقيقتن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن ان ڳالهه جو ورجآءُ ڪيو ته پاڪستان کي پنهنجي مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول نظام تي مڪمل اعتماد آهي جيڪو اعلى ترين عالمي معيارن تي پورو لهي ٿو. ڀارت پاران پاڪستان ٽي وي ۽ ٻين ادارن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تائين پهچ روڪڻ جي فيصلي تي ترجمان ان قدم جي مذمت ڪئي ۽ ان کي اظهار جي آزادي ۽ حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ کي دٻائڻ جي هڪ منظم پاليسي قرار ڏنو. هن چيو ته ڀارت جي موجوده ماحول ۾ حقيقتن تي ٻڌل صحافت جي ڪا گنجائش نه آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها ڀارت ۾ ميڊيا جي آزادي جي سُڪڙجندڙ دائري جو نوٽيس وٺي. ترجمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تازي جمهوري چونڊن تي ڀارتي تبصرن ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي کي معمول جو حصو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش کي به سختي سان رد ڪيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻو آهي جنهن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته مقامي اسيمبلي يا حڪومت جو ڪو به فيصلو گڏيل قومن جي انتظام هيٺ ريفرنڊم جي ضرورت کي ختم نه ٿو ڪري سگهي. هن ڪشميري شهرين جي خلاف پيلٽ گنز جي ماضي ۾ ۽ تازو ئي استعمال جي به شديد مذمت ڪئي. ترجمان سرحدي سلامتي ۽ افغانستان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ شهري مارجڻ بابت الزامن کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪاررواين ۾ رڳو دهشتگردن ۽ افغانستان ۾ موجود انهن جي اهم اڳواڻن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻايو وڃي ٿو. هن چيو ته ميڊيا کي ان حقيقت کي سنجيدگي سان سمجهڻ ۽ ذهن نشين ڪرڻ جي ضرورت آهي ته افغانستان مان سرگرم دهشتگرد عنصر جن ۾ ڪجهه وقتن تي افغان شهري به شامل ٿين ٿا، پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪن ٿا، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سلامتي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ اسان اڳتي به اهي قدم جاري رکنداسين. فلسطين جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان 7 ٻين عرب ۽ اسلامي ملڪن سان گڏجي هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو جنهن ۾ بيت المقدس ۾ مسجد اقصى تي اسرائيلي پابندين جي مذمت ڪئي وئي. پاڪستان جي فعال سفارتي سرگرمين جو ذڪر ڪندي ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن کان اڳ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي عرب، اردن ۽ مصر جي پنهنجي هم منصبن سان پڻ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو هو. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان ۾ منعقد شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي جتي هن تصديق ڪئي ته پاڪستان 2026ع کان 2027ع تائين ايس سي او جي چيئرمين شپ سنڀاليندو. ان سلسلي ۾ ايندڙ سال جي وچ ۾ ايس سي او پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جڏهن ته 2027ع جي ٻئي اڌ ۾ ايس سي او ملڪي سربراهن جو سربراهي اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ٿيندو.