قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت، شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق هنگو ضلعي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي ڊي ايس پي، ديار خان سميت 9 جوانن جي جاني نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويل ڊي ايس پي ديار خان ۽ جوانن کي …

اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق هنگو ضلعي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي ڊي ايس پي، ديار خان سميت 9 جوانن جي جاني نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويل ڊي ايس پي ديار خان ۽ جوانن کي خراجِ عقيدت ۽ حملي کي ناڪام بڻائڻ ۽ حملي آور دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته سندن غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. سردار اياز صادق، ڊي ايس پي مجاهد حسين سميت زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. هن چيو ته پوليس جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون رائگان نه وينديون. پوليس فورس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. قوم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لازوال قربانين کي هميشه ياد رکندي. هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سندن بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگرديءَ خلاف قوم جي پُختي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. اسپيڪر الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنبن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.