اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي امداد، بحالي ۽ رليف سرگرمين جو سلسلو برقرار رکندي وفاق، صوبن ۽ ضلعي ادارن وچ ۾ مؤثر رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو آهي. خميس ڏينهن اين ڊي ايم اي پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي روزاني جي بنياد تي جاري ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽيءَ جو ستون اجلاس نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي)، اين ڊي ايم …
ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي جي امداد، بحالي ۽ رليف سرگرمين جو سلسلو برقرار رکندي وفاق، صوبن ۽ ضلعي ادارن وچ ۾ مؤثر رابطو وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽي امداد، بحالي ۽ رليف سرگرمين جو سلسلو برقرار رکندي وفاق، صوبن ۽ ضلعي ادارن وچ ۾ مؤثر رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو آهي. خميس ڏينهن اين ڊي ايم اي پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي روزاني جي بنياد تي جاري ايمرجنسي ريسپانس ڪميٽيءَ جو ستون اجلاس نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي)، اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال وڊيو لنڪ ذريعي ڪئي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽريز، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، جڏهن ته ٻين وفاقي وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ اين اي او سي جي ٽيم هاڻوڪن سانوڻي جي برساتن، نقصانن، امدادي سرگرمين ۽ بحاليءَ جي قدمن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ امڪاني موسمي صورتحال، امڪاني خطرن ۽ درياهن جي صورتحال جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويو.












