اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته غير يقيني عالمي حالتن، جاگرافيائي ڇڪتاڻ، توانائي جي عالمي رسد ۾ رڪاوٽن، تيل جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن باوجود پاڪستان معاشي استحڪام جي سفر کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، حڪومت جي پهرين ترجيح مشڪل فيصلن سان حاصل ٿيندڙ معاشي استحڪام کي هر قيمت تي برقرار رکندي ان …
معاشي استحڪام سان پائيدار ترقيءَ طرف سفر، مالي سال 27-2026ع ۾ 4 سيڪڙو جي اؤسر واري شرح جو هدف، اُڏام پاڪستان تحت سڌارا وڌيڪ تيز ڪيا ويندا: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته غير يقيني عالمي حالتن، جاگرافيائي ڇڪتاڻ، توانائي جي عالمي رسد ۾ رڪاوٽن، تيل جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن باوجود پاڪستان معاشي استحڪام جي سفر کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، حڪومت جي پهرين ترجيح مشڪل فيصلن سان حاصل ٿيندڙ معاشي استحڪام کي هر قيمت تي برقرار رکندي ان کي پائيدار ترقي، سيڙپڪاري، روزگار ۽ عوامي خوشحاليءَ ۾ تبديل ڪرڻ آهي. رٿابندي واري وزارت جي ماهوار ترقياتي رپورٽ سال 2026ع جي جاري ۽ نئين مالي سال 27-2026ع جي هدفن ۽ حڪمت عمليءَ جي شروعات تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته موجوده معاشي استحڪام عوام جي قربانين، بهتر مالي نظم و ضبط ۽ مؤثر معاشي فيصلن جو نتيجو آهي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان تحت معاشي استحڪام کي گڏيل خوشحاليءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته مالي سال 26-2025ع ۾ پاڪستان جي معيشت مضبوط بحاليءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ اؤسر واري شرح 3.2 سيڪڙو کان وڌي 3.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هن ٻُڌايو ته زرعي شعبي جي اؤسر واري شرح 2.9 سيڪڙو، صنعتي شعبي جي 3.5 سيڪڙو، جڏهن ته خدمتن جي شعبي جي اؤسر واري شرح 4.1 سيڪڙو رهي، جنهن سان مجموعي معاشي سرگرمين ۾ نمايان بهتري آئي. سندس موجب جولاءِ کان مئي لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ ۾ 5.8 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل سال جي ڪاٽو 1.1 سيڪڙو اؤسر جي ڀيٽ ۾ صنعتي شعبي نمايان بحالي ڏيکاري. هن چيو ته 22 مان 16 وڏن صنعتي شعبن مثبت ترقي ڪئي، جڏهن ته گاڏين جي صنعت ۾ 58.8 سيڪڙو جي غير معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. احسن اقبال چيو ته عالمي قيمتن جي دٻاءُ باوجود مهانگائيءَ جي شرح مقرر هدف کان گهٽ رهي، جڏهن ته پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻو 8.6 سيڪڙو واڌ سان 38.3 ارب ڊالرن کان وڌي 41.6 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي، جنهن سان نه صرف لکين خاندانن کي سهارو مليو پر ملڪ جي پرڏيهي معاشي پوزيشن به مضبوط ٿي. هن ٻُڌايو ته شين ۽ خدمتن جي مجموعي روانگي واپار 40.9 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي، جڏهن ته خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار ۾ 18.7 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ ان جو ڳاڻيٽو 10 ارب ڊالرن تائين پهتو. هن چيو ته عالمي غير يقيني صورتحال ۽ درآمدات ۾ واڌ باوجود جاري کاتن جو خسارو صرف 139 ملين ڊالرن تائين محدود رهيو، جيڪو پرڏيهي شعبي ۾ مضبوط مالي نظم و ضبط جو اظهار آهي. هن چيو ته عالمي ادارن به پاڪستان جي معاشي سڌارن، ادارا جاتي استحڪام ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتريءَ جو اعتراف ڪيو آهي. هن موجب حڪومت هاڻ معاشي استحڪام کي پائيدار ترقي، سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ روزگار ۾ تبديل ڪرڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته مالي سال 27-2026ع لاءِ اؤسر واري شرح جو هدف 4 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ان هدف جي حاصلات دوران ماضيءَ جي مالياتي ۽ پرڏيهي عدم توازن کان هر صورت ۾ بچڻو پوندو. هن چيو ته ايندڙ معاشي ترقي جو دارومدار پيداواري صلاحيت، روانگي واپار، سيڙپڪاري، جديد ٽيڪنالاجي ۽ نجي شعبي جي فعال ڪردار تي هوندو. هن چيو ته حڪومت جي خريداريءَ جي سگهه جي محفوظ، غربت ۾ گهٽتائي، ڪمزور طبقن جي مالي معاونت، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ نوجوانن لاءِ عزت ڀريو روزگار ۽ ڪاروباري موقعن جي فراهمي کي حڪومت ترجيح ڏئي رهي آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت اوگرا جي مقرر قيمتن تي سختيءَ سان عملدرآمد يقيني بڻائيندي ۽ جعلي نوٽيفڪيشنز، ناجائز منافعي خوري، ذخيره اندوزي، ڀاڙڻ ۽ مال برداري جي اگهن ۾ بنا سبب واڌ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي رڪاوٽ بنا فراهمي به يقيني بڻائي ويندي. هن واضح ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڦيرڦار عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن سان ڳنڍيل آهي ۽عالمي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي صورت ۾ ان جو فائدو عوام تائين منتقل ڪيو ويندو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته ايف بي آر جا محصول 11.7 کرب رپين کان وڌي 13 کرب رپيا ٿي ويا، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ 15.2 کرب رپين کان وڌيڪ محصولن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مالي سڌارا قومي خزاني کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪا آهن. ترقياتي منصوبن تي ڳالهائيندي احسن اقبال ٻُڌايو ته مالي سال 26-2025ع دوران سي ڊي ڊبيلو پي جي 21هن اجلاسن ۾ 330 ترقياتي ايجنڊا غور هيٺ آيا، جن مان 192 جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته 96 منصوبن کي حتمي شڪل لاءِ ايڪنڪ کي موڪليو ويو. جون 2026ع ۾ ٽن اجلاسن ۾ 72 ايجنڊا نُڪتن تي غور ڪيو ويو، جن مان 49 تجويزون منظور ۽ 21 ايڪنڪ کي موڪليون ويون. هن چيو ته منظور ٿيل ترقياتي منصوبن مان تقريبن 2 لک 89 هزار سڌيءَ ريت ۽ 4 لک 24 هزار اڻسڌيءَ ريت روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته منصوبن جي معاشي مالياتي جائزي سان قومي خزاني کي 12.6 ارب رپين جي بچت ٿي. هن چيو ته اسلام آباد لاءِ اسمارٽ سٽي ماڊل، شهرين جي شموليت ۽ بهتري بلدياتي نظام تي ٻَڌل نئون ماڊل تجويز ڪيو ويو آهي ته جيئن عوامي خدمتن جي فراهمي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي. تعليم ۽ نوجوانن جي حوالي سان احسن اقبال چيو ته اعليٰ تعليم کي صنعتي انقلاب 4.0 ۽ 5.0 جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن جي نصاب ۽ ڊگري پروگرامز جو جامع جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته مستقبل جي ضرورتن موجب نوان ڊگري پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. استادن جي پيشيوراڻي تربيت کي هٿي ڏني ويندي، جڏهن ته يو ايس پاڪستان ناليج ڪوريڊور پروگرام کي ٻيهر فعال ڪيو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته هاڻوڪي آمريڪا جي دؤري دوران يونيورسٽي آف الينواءِ پاڪستان ۾ پنهنجا ڪيمپس قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ان موجب نوجوانن کي ليپ ٽاپ، ڊجيٽل مهارتن، سائبر سيڪيورٽي، سيٽلائيٽ ۽ جينومڪس سميت جديد علمن سان تيار ڪيو ويندو ته جيئن هو عالمي سطح تي پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهن. احسن اقبال ٻُڌايو ته اُڏام پاڪستان تحت صنعتڪارن، روانگي واپار ڪندڙن ۽ گهڻ قومي ڪمپنين سان سڌارا جاتي مشاورت جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ حڪومت 2029ع تائين روانگي واپار کي 63 ارب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جي قومي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان، ترڪيه، ازبڪستان ۽ ڊئنمارڪ سان زراعت، تعليم، واپار، ٽرانسپورٽ، موسمياتي مزاحمت، آبي وسيلن، تحقيق ۽ فني تعاون جي علمن جي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪا معيشت ڪجهه سال اڳ ڏيوالو ٿيڻ واري هئي اها اڄ بحالي ۽ استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. حڪومت اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي جيڪي ڊگهي مُدي جي قومي مفاد ۾ آهن ۽ جن ذريعي پاڪستان کي پائيدار معاشي ترقي، مضبوط معيشت ۽ خوشحال مستقبل طرف وٺي وڃبو.










