سکر - 30 جولاءِ (اي پي پي)سکر پوليس ۽ حساس اداري گڏيل طور ڪارروائي ڪندي موٽر وي تي اندرون سنڌ ۾ ڏوهاري عنصرن تائين هٿيار پهچائڻ جي مبينا وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل موجب پنو عاقل ڀرسان موٽر وي تي هڪ شڪي ڪار کي روڪي تلاشي ورتي وئي، جنهن دوران ڪار مان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا. …
سکر پوليس ۽ حساس اداري پاران گڏيل طور ڪارروائي، موٽر وي تي اندرون سنڌ ۾ ڏوهارين تائين هٿيار پهچائڻ جي مبينا وڏي ڪوشش ناڪام

مزید خبریں
سکر – 30 جولاءِ (اي پي پي)سکر پوليس ۽ حساس اداري گڏيل طور ڪارروائي ڪندي موٽر وي تي اندرون سنڌ ۾ ڏوهاري عنصرن تائين هٿيار پهچائڻ جي مبينا وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل موجب پنو عاقل ڀرسان موٽر وي تي هڪ شڪي ڪار کي روڪي تلاشي ورتي وئي، جنهن دوران ڪار مان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا. پوليس موجب ڪارروائي دوران ڪار مان 14 ڪلاشنڪوفون، 23 ٽي ٽي پسٽل، هڪ شارٽ گن، ڪيترائي ميگزين ۽ ڪلاشنڪوف ۽ پسٽلن جون 15 هزار کان وڌيڪ گوليون هٿ ڪيون ويون. پوليس هٿيارن جي مبينا اسمگلنگ ۾ ملوث گروهه جي ٻن اهم ڪارندن، حمزه پٺاڻ رهواسي اسلام آباد ۽ عبيدالله پٺاڻ رهواسي ڪراچي کي موقعي تان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي سکر ٻڌايو ته گرفتار مبينا جوابدار پشاور مان هٿيار کڻي سکر سميت اندرون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڏوهاري عنصرن کي فراهم ڪرڻ وڃي رهيا هئا. هن چيو ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جيئن هن نيٽ ورڪ ۾ شامل ٻين ماڻهن تائين به پهچي سگهجي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اهڙيون ڪارروايون مسلسل جاري رهنديون ۽ هٿيارن جي مبينا اسمگلنگ ۾ ملوث ڪنهن به شخص سان رعايت نه ڪئي ويندي.










