حضرت امام حسين رضه جي چهلم جي انتظامن بابت ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم گڏجاڻي منعقد

سکر - 30 جولاءِ (اي پي پي) حضرت امام حسين رضه جي چهلم جي انتظامن بابت ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد خان جي صدارت هيٺ اهم گڏجاڻي ڊي سي آفيس سکر جي ڪانفرنس هال ۾ ٿي. ڊي سي چيو ته حضرت امام حسين رضه جي انتظامن کي فول پروف بڻايو ويندو. پرامن ماحول کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو ڪنهن به قسم جي شرانگيزي جي هرگز اجازت نه هوندي، خلاف …

سکر – 30 جولاءِ (اي پي پي) حضرت امام حسين رضه جي چهلم جي انتظامن بابت ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد خان جي صدارت هيٺ اهم گڏجاڻي ڊي سي آفيس سکر جي ڪانفرنس هال ۾ ٿي. ڊي سي چيو ته حضرت امام حسين رضه جي انتظامن کي فول پروف بڻايو ويندو. پرامن ماحول کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو ڪنهن به قسم جي شرانگيزي جي هرگز اجازت نه هوندي، خلاف ورزي ڪرڻ وارن خلاف نيشنل ايڪشن پلان ۽ امن امان بابت قانون موجب سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، سمورن ماتمي جلوسن جي گذرگاهن، امام بارگاهن، روٽس ۽ ٻين هنڌن تي محرم جيان انتظام ڪيا ويندا، سمورا لاڳاپيل کاتا پنهنجي پلان مطابق حضرت امام حسين رضه جي چهلم جي موقعي تي ذميواريون ادا ڪندا. هن چيو ته امام بارگاهن جا متولي، پرمٽ هولڊر، تنظيمن جا عهديدار ۽ ٻيا ذميوار ضلعي انتظاميه، پوليس، رينجرز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن سان ڀرپور نموني تعاون ڪن. صحت، پي پي ايڇ آءِ، ريسڪيو 1122 ماتمي جلوسن، امام بارگاهن ۽ ٻين گذرگاهن تي ميڊيڪل ڪئمپس قائم ڪندا جڏهن ته عزادارن کي فوري طبي امداد لاءِ ايمبولينس پڻ مقرر ڪئي ويندي. اجلاس ۾ صحت، سيپڪو، ميونسپل، پوليس، روينيو سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن يقين ڏياريو ته چهلم جي موقعي تي ڀرپور نموني اپائن تي عملدرآمد ٿيندو. اجلاس ۾ سمندر خان ڀٽو، سيد نصرت حسين شاهه، سيد رکيل شاهه، سيد امداد علي شاهه، مير صادق ٽالپور، سيد باقر شاهه، سيد وسيم حيدر شاهه، علي مرتضيٰ شاهه، عابد علي شاهه، عباس شاهه، مولانا رياض روحاني سميت ٻين ضلعي انتظاميه طرفان محرم الحرام ۾ ڪيل انتظامن بابت واکاڻ ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته چهلم جي موقعي تي پڻ بهتر کان بهتر انتظام ڪيا وڃن. ان موقعي تي 5 محرم الحرام جي جلوس جي باني سيد نصرت حسين شاهه طرفان ڊپٽي ڪمشنر سکر کي تعريفي شيلڊ پيش ڪئي وئي. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس سکر طرفان مختلف کاتن طرفان اپائن تي عملدرآمد بابت تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. 

مزید خبریں