ڪراچي سميت سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ هاڻي ڪو به نو گو ايريا نه رهيو آهي: آءِ جي سنڌ پوليس

حيدرآباد-30 جولاءِ (اي پي پي)  سنڌ جي آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ هاڻي ڪو به نو گو ايريا نه رهيو آهي، سنڌو درياء جي ٻنهي پاسن کان واقع ڪچي جي علائقن کي ڏوهارين کان پاڪ ڪيو ويو آهي، ٿوري عرصي ۾ وڏا ڏوهاري مارجي ويا آهن، ڳجهين ڪيمرائن ذريعي 80 سيڪڙو ڏوهن تي ضابطو آندو آهي. خميس ڏينهن …

حيدرآباد-30 جولاءِ (اي پي پي)  سنڌ جي آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ هاڻي ڪو به نو گو ايريا نه رهيو آهي، سنڌو درياء جي ٻنهي پاسن کان واقع ڪچي جي علائقن کي ڏوهارين کان پاڪ ڪيو ويو آهي، ٿوري عرصي ۾ وڏا ڏوهاري مارجي ويا آهن، ڳجهين ڪيمرائن ذريعي 80 سيڪڙو ڏوهن تي ضابطو آندو آهي. خميس ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪچي جي علائقن مان 280 وڏا ڏوهاري گرفتار ٿيا آهن ۽ 570 ڏوهارين هٿيار ڦٽو ڪري پوليس وٽ پيش ٿيا آهن ڏوهارين جو گهيرو ايترو تنگ ڪري ڇڏيو هو جو هٿيار ڦٽو ڪري پيش پوڻ کان علاوه انهن وٽ ڪو به چارو نه بچيو هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڏوهارين جي لاء هٿيار ڦٽو ڪرڻ واري پاليسي ڪامياب رهي جنهن ڪري هاڻي ڪچو آزاد ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪچو نازڪ علائقو آهي جنهن جي ڀرسان 3 هاءِ ويز آهن خوشي جي ڳالهه آهي ته گذريل 6 مهينن ۾ انهن هاء ويز تي ڪو به واقعو نه ٿيو آهي ان کان اڳ ۾ رتو ديرو، لاڙڪاڻو ، جيڪب آباد، قمبر لاڙڪاڻو روڊن تي رات جو ٽريفڪ بند ٿي ويندي هئي پر هاڻي انهن رستن تي ڏينهن رات ٽريفڪ جي رواني جاري آهي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل ڊاڪٽر آڪاش جي قاتلن کي 12 ڪلاڪن جي اندر گرفتار ڪري ورتو. ان ئي ٽيڪنالاجي ذريعي روزانو ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ٿي رهيا آهن مستقبل ۾ اڃا به وڌيڪ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي. ان حوالي سان حڪومت کي 3 منصوبه ڏنا آهن جن تي عمل ڪرڻ لاء حڪومت جي طرفان خاطري ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته موبائيل فونز مان وڏا راز فاش ٿين ٿا موبائيل فونز جي ذريعي ٻارن ۽ عورتن کي تنگ ڪندڙ پڪڙ ۾ ايندا مستقبل ۾ پوليس پاران سائيبر يونٽ به قائم ڪيو ويندو جنهن جي ذريعي وڌيڪ ڪاميابيون ماڻينداسين. ان سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪم هلي رهيو آهي. ڪيمرائن جي مدد سان هاء ويز تي به نظر رکون پيا ايندڙ وقت ۾ ڪمپيوٽر جي ماهرن جي ضرورت پوندي . هن چيو ته ڪيمرائن جي مدد سان هر هنڌ نظر رکون پيا مستقبل ٽيڪنالاجي ۾ پوشيده آهي پاڻ کي به ري اسٽرڪچر ڪري رهيا آهيون ۽ مستقبل ۾ هر چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاء تياريون ڪري رهيا آهيون .هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت تائين 2 لک 80 هزار غير قانوني پرڏيهن کي ملڪ بدر ڪري چڪا آهيون جيڪڏهن ڪنهن وٽ غير قانوني پرڏيهين جي موجودگي جي ڄاڻ آهي ته پوليس سميت حساس ادارن کي ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ته انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي . هن چيو ته ڪجهه غير قانوني پرڏيهين جعلي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا هئا جيڪي نادرا مان رد ڪرايا آهن . هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خلاف جهاد شروع ڪيل آهي جنهن جا سٺا نتيجا اچي رهيا آهن . ڪراچي ۾ زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي ۽ شارٽ ٽرم نه پر لانگ ٽرم سسٽم جوڙيو آهي جنهن ۾ الله پاڪ ڪاميابي عطا ڪئي آهي . ڏوهارين کي چٿيو ويو آهي .ڪراچي ۾ سيف سٽي کان علاوه 40 هزار ڪيمرائن جو واڌارو ٿيو آهي جن جي ذريعي وائلينٽ ڪرائيم جو خاتمو ڪيو آهي. هن چيو ته منشيات ناسور آهي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ منشيات سپلائي ڪندڙن جي خاتمي جي لاء خاص فوڪس ڪيو پيو وڃي.