پاڪ بحريه جو ڪامياب آپريشن، اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل 19 ملاحن کي بچايو ويو

راولپنڊي-30 جون (اي پي پي) پاڪ بحريه ڪامياب آپريشن دوران اتر  عربي سمنڊ  ۾ ڦاٿل 19 ملاحن کي بچايو ويو. تفصيل مطابق پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس تيمور اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماهيگير ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ ڪامياب ريسڪيو آپريشن ڪيو. بحريه جي جهاز پي اين ايس تيمور ڪامياب آپريشن ۾ سمنڊ ۾ ڦاٿل 19 ماهيگيرن  کي پڻ حفاظت سان ريسڪيو ڪيو . ماهگير ٻيڙي گوادر کان …

راولپنڊي-30 جون (اي پي پي) پاڪ بحريه ڪامياب آپريشن دوران اتر  عربي سمنڊ  ۾ ڦاٿل 19 ملاحن کي بچايو ويو. تفصيل مطابق پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس تيمور اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماهيگير ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ ڪامياب ريسڪيو آپريشن ڪيو. بحريه جي جهاز پي اين ايس تيمور ڪامياب آپريشن ۾ سمنڊ ۾ ڦاٿل 19 ماهيگيرن  کي پڻ حفاظت سان ريسڪيو ڪيو . ماهگير ٻيڙي گوادر کان اٽڪل 120 ناٽيڪل ميل ڏکڻ ۾ انجڻ جي خرابي سبب ڦاسي پئي هئي. ان تي سوار عملي جي سمورن 19 ماڻهن کي حفاظت سان بچايو ويو آهي جن ۾ 11 پاڪستاني ۽ 8 ايراني شهري شامل هئا. جوائنٽ ميري ٽائم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن لاءِ پاڪ بحريه سان رابطو ڪيو هو. پاڪ بحريه جي جوانن ٻيڙي کي سمنڊ ۾ خوراڪ ، پيئڻ جو پاڻي ۽ طبي امداد فراهم ڪئي ۽ ٻيڙي کي حفاظت سان سامونڊي ڪناري تائين منتقل ڪيو. اها ڪامياب  ريسڪيو آپريشن سمنڊ ۾ انساني حياتين جي تحفظ لاءِ پاڪ بحريه جي عزم ۽ هر وقت تيار  رهڻ جو مظهر آهي.

مزید خبریں