اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ يورپي ملڪن سان حصيداري واري عمل جي نتيجي ۾ هڪ سال دوران يورپ لاءِ انساني اسمگلنگ جي شرح ۾ 47 سيڪڙو جي نمايان گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، جنهن تي يورپي يونين پڻ گهرو وزارت جي قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي. حڪومت انساني اسمگلنگ ۽ غير قانوني …
يورپ لاءِ انساني اسمگلنگ ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي: گهرو وزير محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ يورپي ملڪن سان حصيداري واري عمل جي نتيجي ۾ هڪ سال دوران يورپ لاءِ انساني اسمگلنگ جي شرح ۾ 47 سيڪڙو جي نمايان گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، جنهن تي يورپي يونين پڻ گهرو وزارت جي قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي. حڪومت انساني اسمگلنگ ۽ غير قانوني چرپر جي روڪٿام لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي ۽ سمورا ادارا ان نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.انساني اسمگلنگ ۽ غير قانوني چرپر جي روڪ ٿام جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل خاص پيغام ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين عالمي ڏوهه ۽ انسانيت خلاف ظلم آهي. معصوم حياتين جي استحصال ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. محسن نقوي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي. هن ان عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ته اسان انساني اسمگلنگ خلاف متحد ٿي هڪ محفوظ ۽ باوقار معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.











