اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ خميس ڏينهن 30 جولاءِ تي دوستيءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد دوستيءَ جي رشتن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي اداري موجب دوستي مختلف قومن، ثقافتن ۽ ماڻهن وچ ۾ ويجهڙائپ، ڀائيچاري ۽ گڏيل هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ آهي. دوستيءَ جي عالمي ڏهاڙي کي باقاعده …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ دوستي جو ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ خميس ڏينهن 30 جولاءِ تي دوستيءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد دوستيءَ جي رشتن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي اداري موجب دوستي مختلف قومن، ثقافتن ۽ ماڻهن وچ ۾ ويجهڙائپ، ڀائيچاري ۽ گڏيل هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ آهي. دوستيءَ جي عالمي ڏهاڙي کي باقاعده طور ملهائڻ جي شروعات 1958ع ۾ پيراگوئي کان ٿي، جنهن کان پوءِ هن ڏهاڙي کي عالمي سطح تي وڏي پذيرائي ملي. 27 اپريل 2011ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هر سال 30 جولاءِ کي دوستيءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.دوستي انساني رشتن مان سڀ کان وڌيڪ قيمتي رشتن مان هڪ آهي ۽ دنيا جي هر مذهب توڙي ثقافت ۾ ان کي خاص اهميت حاصل آهي. اڄ جي تيز رفتار زندگيءَ ۾ سچا ۽ مخلص دوست انسان لاءِ وڏي نعمت آهن، جيڪي ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏين ٿا ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿين ٿا.پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ماڻهو اڄ پنهنجي دوستن سان محبت، احترام ۽ ڀائيچاري جي اظهار لاءِ پيغام موڪلين ٿا، ملاقاتون ڪن ٿا ۽ مختلف تقريبن جو اهتمام پڻ ڪن ٿا. دوستي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سجي دنيا جيان پاڪستان ۾ به ماڻهو پنهنجن دوستن ڏي تحفه موڪلين ٿا. ڪجهه ملڪن ۾ هي ڏهاڙو آگسٽ جي پهرين آچر تي به ملهايو ويندو آهي.











