اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خميس ڏينهن 30 جولاءِ تي انساني اسمگلنگ خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن جو مقصد انساني اسمگلنگ جهڙي سنگين ڏوهه کي روڪڻ، متاثرن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ان حوالي سان عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. هلندڙ سال 2026ع لاءِ گڏيل قومن هن ڏينهن جو موضوع "ٺڳيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل" (Trapped Behind the Scam) رکيو آهي. …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني اسمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خميس ڏينهن 30 جولاءِ تي انساني اسمگلنگ خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن جو مقصد انساني اسمگلنگ جهڙي سنگين ڏوهه کي روڪڻ، متاثرن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ان حوالي سان عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. هلندڙ سال 2026ع لاءِ گڏيل قومن هن ڏينهن جو موضوع "ٺڳيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل” (Trapped Behind the Scam) رکيو آهي. 30 جولاءِ تي ملهايل هي عالمي ڏينهن ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو ته انساني اسمگلنگ جا خطرا دنيا جي هر خطي ۾ موجود آهن. هن ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن توڙي عالمي تنظيمن پاران آگاهي مهمون، سيمينار ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن، جن ۾ انساني اسمگلنگ کي هڪ سنگين ڏوهه ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويندو آهي.گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن بابت اداري (UNODC) ۽ عالمي منظم ڏوهن خلاف گڏيل قومن جي ڪنوينشن (UNTOC) جي سهڪار سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري آهن.عالمي ڏينهن جي موقعي تي مختلف سرڪاري، غير سرڪاري ۽ رفاهي ادارن پاران انساني اسمگلنگ جي خطرن، ان جي روڪٿام ۽ متاثر ماڻهن جي تحفظ بابت جاڳرتا اجاڳر ڪرڻ لاءِ تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون.











