اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن کي هر قسم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪيو آر ڪوڊ جي ذريعي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن جي داخلا جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي …
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن کي هر قسم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته انهن کي هر قسم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪيو آر ڪوڊ جي ذريعي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن جي داخلا جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ سفارتخانن ۾ سهولتن ۾ اضافي، دستاويزن جي تصديقي عمل جي ڊيجيٽائيزيشن، شڪايتن جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ مان پاڪستان ۾ مختلف ڪمن ۽ ادائيگين جي لاءِ ڊيجيٽل نظام جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي بريفنگ دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت، مختلف ملڪن ۾ پاڪستان جي سفيرن، گهرو وزارت، ايف آءِ اي، آءِ ٽي واري وزارت ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن ان حوالي سان تفصيلن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن جن کي هر قسم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي سهولت لاءِ پاور آف اٽارني ۽ ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري جي نظام ۽ دستاويزن جي تصديقي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪيو آر ڪوڊ متعارف ڪرايو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪيو آر ڪوڊ جي ذريعي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن جي داخلا جي ڊيجيٽائيزيشن خوش آئنده آهي، سفارتخانن ۾ انهن کي لڳائي پهچ ۾ اضافو ڪيو وڃي، ڪيو آر ڪوڊ جي ذريعي شڪايتن جي داخلا جي حوالي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي آگاهي مهم هلائي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان نظام جي ذريعي شڪايتن جي داخلا ڪرائي سگهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شهرين جي سهولت لاءِ پرڏيهي وزارت جي آفيس اسلام آباد ۾ شام جي شفٽ جي تازو ئي شروعات ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح دستاويزن جي تصديق جي سهولت کي آسان خدمت مرڪز اسلام آباد ۾ پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي. ان کانسواءِ ڪوريئر جي ذريعي تصديقي عمل متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن، نادرا ۽ نيشنل پوليس بيورو جي ڊيٽا بيس سان ڳنڍيو ويو آهي جنهن سان تصديقي عمل وڌيڪ تيز ٿيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اپوسٽائل جي نظام تحت تصديقي عمل کي ون اسٽيپ ڪيو ويو آهي، ايندڙ مرحلي ۾ ان پوري نظام کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ تي ڪم تيزي سان جاري آهي. ان حوالي سان اين آءِ ٽي بي جي تعاون سان موبائيل ايپلي ڪيشن تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ برٿ، ڊيٿ سرٽيفڪيٽ، ميرج رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ وغيره جهڙن دستاويزن جي پڻ ڊيجيٽل نظام جي ذريعي تصديق ممڪن ٿيندي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، چوڌري سالڪ حسين، شزه فاطمه خواجه، مملڪتي وزير عون چوڌري، خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.











