صدر آصف علي زرداري پاران هنگو ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت

اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگو ضلعي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو، هن ڊي ايس پي ديار خان سميت پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن …

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگو ضلعي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو، هن ڊي ايس پي ديار خان سميت پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پوليس جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون قوم جو سرمايو آهن، ملڪ جي امن جي لاءِ جانين جا نذرانا ڏيندڙ شهيد سدائين ياد رکيا ويندا. صدر شهيدن جي درجن جي بلنديءَ، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تي خيبرپختونخواهه پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو.

مزید خبریں