اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ خميس ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ قونصلر خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم کي عوامي سهولت ۾ اضافي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته قونصلر خدمتن جي ڊيجيٽائيزيشن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ قونصلر خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ خميس ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ قونصلر خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم کي عوامي سهولت ۾ اضافي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته قونصلر خدمتن جي ڊيجيٽائيزيشن جي منصوبي ۽ شهرين کي وڌيڪ پهچ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ صبح ۽ شام جي شفٽن جي شروعات ڪئي ويندي. نائب وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوام کي موثر، شفاف ۽ وقت سر سهولت جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قونصلر خدمتن کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻايو وڃي.











