صدر پاران اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل مهاڻن کي باحفاظت نموني سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل مهاڻن کي باحفاظت نموني سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، صدر چيو ته وقت سر ڪارروائي وسيلي پاڪستاني ۽ ايراني شهرين جو کي باحفاظت نموني سان ريسڪيو ڪرڻ پاڪستان نيوي جي اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ انساني …

اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل مهاڻن کي باحفاظت نموني سان ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، صدر چيو ته وقت سر ڪارروائي وسيلي پاڪستاني ۽ ايراني شهرين جو کي باحفاظت نموني سان ريسڪيو ڪرڻ پاڪستان نيوي جي اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ انساني همدردي جو عملي نمونو آهي. هن چيو ته سمنڊ ۾ انساني جانين جو تحفظ پاڪستان نيوي جي قومي ۽ عالمي ذميوارين سان ڀرپُور وابستگي جو ثبوت آهي.