وزيراعظم پاران اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل مُهاڻن کي بچائڻ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل مُهاڻن کي بچائڻ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڪامياب ريسڪيو آپريشن سمنڊ ۾ انساني جانين جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي جي عزم ۽ هر وقت تيار رهڻ جي عڪاسي آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيوي جي …

اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر عربي سمنڊ ۾ ڦاٿل مُهاڻن کي بچائڻ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڪامياب ريسڪيو آپريشن سمنڊ ۾ انساني جانين جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي جي عزم ۽ هر وقت تيار رهڻ جي عڪاسي آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيوي جي جهاز پي اين ايس تيمور ڪامياب آپريشن ۾ سمنڊ ۾ ڦاٿل 19 مُهاڻن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو. وزيراعظم ٻيڙي تي سوار عملي جي سمُورن 19 ماڻهن، جن ۾ 11 پاڪستاني ۽ 8 ايراني شامل هُئا کي باحفاظت بچائڻ تي آپريشن ۾ شامل پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي اهلڪارن ٻيڙي جي عملي کي سمنڊ ۾خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي ۽ طبي امداد فراهم ڪئي، جيڪا اسان جي فوج جي انساني همدردي ۽ پيشيوراڻي تربيت جو عملي ثبوت آهي. هي ڪامياب ريسڪيو آپريشن سمنڊ ۾ انساني جانين جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي نيوي جي عزم ۽ هر وقت تيار رهڻ جي عڪاس آهي.