چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ڪويت سان پاڪستان جي مضبوط ناتن جي عزم جو ورجاءُ

راولپنڊي- 29 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪويت سان پاڪستان جي مضبوط ناتن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ٻئي ملڪن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز …

راولپنڊي- 29 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪويت سان پاڪستان جي مضبوط ناتن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ٻئي ملڪن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان جي المطيري سان جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. معزز مهمان پاڪستان جي پُختي حمايت، علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس تعميري ڪردار ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گهرن لاڳاپن کي ساراهيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪويت سان پاڪستان جي مضبوط ناتن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻئي ملڪ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا.