اسلام آباد - 29 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان جون 2023ع ۾ صحيحون ڪيل پاڪستان – ڪويت دفاعي تعاون معاهدي جي تازي توثيق جي آجيان ڪري ٿو. اربع ڏينهن ڪويت پاران پاڪستان – ڪويت دفاعي تعاون معاهدي 2023ع جي توثيق بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته اها اڳڀرائي ٻنهي ڀائر ملڪن …
پاڪستان جون 2023ع ۾ صحيحون ڪيل پاڪستان – ڪويت دفاعي تعاون معاهدي جي تازي توثيق جي آجيان ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان جون 2023ع ۾ صحيحون ڪيل پاڪستان – ڪويت دفاعي تعاون معاهدي جي تازي توثيق جي آجيان ڪري ٿو. اربع ڏينهن ڪويت پاران پاڪستان – ڪويت دفاعي تعاون معاهدي 2023ع جي توثيق بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته اها اڳڀرائي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ 1980ع جي ڏهاڪي جي شروع کان قائم پراڻي دفاعي حصيداري ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. اهو ٻنهي ملڪن جي ان گڏيل عزم جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو ته اهي ٻطرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا ۽ پنهنجي سلامتي بابت حصيداري کي نئين بلندين تائين وٺي ويندا. اهو معاهدو دفاعي تعاون جي فروغ جي لاءِ هڪ جامع اداراجاتي فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ فوجي تربيت ۽ تعليم، گڏيل مشقن، مهارتن ۽ تجربن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل اتفاق سان طئي ٿيندڙ ٻين شعبن ۾ تعاون شامل آهي. اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت معاهدي جي شقن موجب ان تي موثر عملدرآمد جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکندا جنهن جي ذريعي ٻطرفي دفاعي حصيداري کي سگهه ملندي، گڏيل اعتماد، گڏيل مفادن ۽ مضبوط اداراجاتي تعاون تي ٻڌل پائيدار دفاعي حصيداري وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پڻ مدد ملندي.











