سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ لائف اسٽائل ميڊيسن بابت قومي ٽاسڪ فورس جو اجلاس منعقد

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ لائف اسٽائل ميڊيسن بابت قومي ٽاسڪ فورس جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پهرئين اجلاس جي فيصلن تي ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ پاڪستان جي صحت جي نظام ۾ لائف اسٽائل ميڊيسن کي اثرائتي انداز ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اهم پاليسي فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ صحت بابت اڳوڻو …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ لائف اسٽائل ميڊيسن بابت قومي ٽاسڪ فورس جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پهرئين اجلاس جي فيصلن تي ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ پاڪستان جي صحت جي نظام ۾ لائف اسٽائل ميڊيسن کي اثرائتي انداز ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اهم پاليسي فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ صحت بابت اڳوڻو خاص مددگار ۽ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لائف اسٽائل ميڊيسن جو صدر پروفيسر ڊاڪٽر ظفر مرزا، صحت واري وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ قومي ٽاسڪ فورس جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ماهرن ڦهلجندڙ مرض (اين سي ڊيز) جي اثرائتي روڪٿام، صحتمند طرزِ زندگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي آگاهي جي حوالي سان مختلف تجويزن تي تفصيلي غور ڪيو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته لائف اسٽائل ميڊيسن کي ملڪ جي طبي تعليمي نظام جو باقاعده حصو بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي نصاب ۾ لائف اسٽائل ميڊيسن ۾ شامل ڪري جڏهن ته نصاب جي تياري ۽ سفارشون جوڙڻ لاءِ هڪ خاص ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. قومي ٽاسڪ فورس سفارش ڪئي ته ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان (سي پي ايس پي) جي پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ريزيڊنسي ٽريننگ پروگرامز ۾ به لائف اسٽائل ميڊيسن کي نصاب جو حصو بنائڻ لاءِ رابطو ڪيو وڃي. صحت واري وزير وزارت جي اڱڻ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت صحتمند فوڊ ڪيوسڪ جي قيام جي منظوري پڻ ڏني. هن چيو ته اهي قدم صحت بخش خوراڪ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ مثالي ماڊل ثابت ٿيندا، جنهن کي مستقبل ۾ ٻين سرڪاري ادارن تائين به واڌ ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته متوازن غذا، باقاعده جسماني سرگرمين، تماڪ ڇڪڻ کان پاسو ڪرڻ، ذهني صحت ۽ صحتمند طرزِ زندگي کي قومي صحت جي حڪمتِ عملي جو بنيادي حصو بڻايو وڃي. هن چيو ته وزارت طبي تعليم ۾ سڌارن، سرڪاري ادارن ۾ صحتمند ماحول کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي سطح تي آگاهي مهم کي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ جاري رکندي ته جيئن صحتمند پاڪستان جي ويزن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي.