قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان آذربائيجان جي سفير جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف اربع ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن ناتن، ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل ڀائيواريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير، سفير جي پاڪستان ۾ مقرريءَ دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ دوستاڻن ناتن …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف اربع ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن ناتن، ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل ڀائيواريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ترجمان موجب ملاقات دوران وفاقي وزير، سفير جي پاڪستان ۾ مقرريءَ دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ سندن خدمتن ۽ ڪاوشن کي ساراهيو. هن ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ سفير جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪندي سندس آئينده جي فرضن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان پنهنجي قيام دوران ملندڙ محبت، خلوص ۽ مهمان نوازيءَ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ سفارتي ذميداريون انجام ڏيڻ سندس لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته هو پاڪستان ۽ آذربائيجان جي مضبوط دوستيءَ کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏسندو. ملاقات ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي جٽادار ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي، گڏيل سهڪار کي هٿي ڏني ويندي ۽ هر سطح تي هڪٻئي جي مسلسل حمايت جاري رکي ويندي. ان موقعي تي ان ڳالهه به زور ڀريو ويو ته ٻئي ملڪ بهترين دوست ۽ اعتماد جوڳا ڀائيوار آهن ۽ سندن دوستي مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.