لاهور-29 جولاءِ (اي پي پي) چيني قونصل جنرل سن يان سُندس فائونڊيشن لاهور سينٽر جو دؤرو ڪيو، جتي پيٽرن سُندس فائونڊيشن سهيل وڙائچ، ڊائريڪٽر خالد عباس ڊار ۽ سُندس فائونڊيشن جي انتظاميه معزز مهمان جي آجيان ڪئي. دؤري دوران قونصل جنرل سن يان ٿيليسيميا، هيموفيليا ۽ رت جي ٻين مرضن ۾ مبتلا مريض ٻارن سان ملاقات ڪئي، سندن خيريت معلوم ڪئي ۽ انهن ۾ تحفا ورهايا. بعد ۾ قونصل جنرل …
چيني قونصل جنرل جو سُندس فائونڊيشن جو دؤرو

مزید خبریں
لاهور-29 جولاءِ (اي پي پي) چيني قونصل جنرل سن يان سُندس فائونڊيشن لاهور سينٽر جو دؤرو ڪيو، جتي پيٽرن سُندس فائونڊيشن سهيل وڙائچ، ڊائريڪٽر خالد عباس ڊار ۽ سُندس فائونڊيشن جي انتظاميه معزز مهمان جي آجيان ڪئي. دؤري دوران قونصل جنرل سن يان ٿيليسيميا، هيموفيليا ۽ رت جي ٻين مرضن ۾ مبتلا مريض ٻارن سان ملاقات ڪئي، سندن خيريت معلوم ڪئي ۽ انهن ۾ تحفا ورهايا. بعد ۾ قونصل جنرل چيني عوام طرفان عطيو ڪيل ڪريوفيوج مشين جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي کيس مشين جي فائدن ۽ رت جي جزن جي عليحدگي سميت مريضن جي علاج ۾ ان جي ڪردار جي حوالي سان برينگ پڻ ڏني وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي قونصل جنرل چيو ته سُندس فائونڊيشن انسانيت جي خدمت جو هڪ تعريف جوڳو ادارو آهي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ٿيليسيميا، هيموفيليا ۽ رت جي ٻين مرضن ۾ مبتلا ٻارن کي علاج، سهولت ۽ اميد فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي فقط سفارتي ناتن تائين محدود ناهي پر گڏيل سهڪار، همدردي ۽ انسانيت جي خدمت جي جذبي تي پڻ ٻَڌل آهي. هن چيو ته چين جي عوام طرفان عطيو ڪيل اها مشين مريض ٻارن جي علاج ۽ کين معاري طبي سهولتن جي فراهميءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي پيٽرن سُندس فائونڊيشن سهيل وڙائچ قونصل جنرل سن يان کي اعزازي شيلڊ پيش ڪئي ۽ سندس فائونڊيش جو دؤرو ڪرڻ ۽ چيني عوام طرفان طبي اوزارن جي عطيي تي سندس ٿورو مڃيو.










