معاشي طور تي ڪمزور ٻارن کي هڪ جهڙي تعليم ۽ ترقي جي موقعن جي فراهمي کي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سمورن تعمير هيٺ دانش اسڪولن کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي طور تي ڪمزور ٻارن کي هڪ جهڙي تعليم ۽ ترقي جي موقعن جي فراهمي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن تعمير هيٺ دانش اسڪولن کي مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيو وڃي، دانش اسڪولز ۾ آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس ۽ موجوده گهرجن سان هم آهنگ ٽيڪنالاجيز جي ٽريننگ نصاب جو …

اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي طور تي ڪمزور ٻارن کي هڪ جهڙي تعليم ۽ ترقي جي موقعن جي فراهمي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن تعمير هيٺ دانش اسڪولن کي مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيو وڃي، دانش اسڪولز ۾ آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس ۽ موجوده گهرجن سان هم آهنگ ٽيڪنالاجيز جي ٽريننگ نصاب جو لازمي حصو بڻايو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ دانش اٿارٽي بورڊ جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس ۾ بورڊ جي ميمبرن ۽ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته هو ان اهم ذميواري کي قبول ڪرڻ تي بورڊ جي ميمبرن جو دل سان ٿورائتو آهي. هن چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ٻارن کي هڪ جهڙا تعليم ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، دانش اسڪولز جو بنياد انهي ئي فلسفي جي پيروي ڪندي رکيو جنهن ۾ غريب ۽ مستحق شاگردن کي ميرٽ تي داخلا ۽ تعليم ڏني وڃي ٿي. هن سمورن تعمير هيٺ دانش اسڪولن کي مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪرڻ ۽ سمورن تعمير هيٺ ۽ نئين دانش اسڪولز ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ سئو سيڪڙو بورڊنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي تعاون سان دانش اسڪولز ۾ آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس ۽ موجوده گهرجن سان هم آهنگ ٽيڪنالاجيز جي ٽريننگ نصاب جو لازمي حصو قرار ڏني وڃي، نصاب ۾ پراجيڪٽ ۽ اسڪل بيسڊ لرننگ سان گڏوگڏ شاگردن جي شخصيت نکارڻ جي لاءِ پڻ ڪورسز شامل ڪيا وڃن. اجلاس ۾ دانش اسڪولز اٿارٽي جي ميمبرن کي تازي اڳڀرائي ۽ ڪارڪردگي تي جائزه رپورٽ پيش ڪئي وئي. بورڊ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ 29 دانش اسڪولز تجويز ٿيل آهن جن مان 15 منظور ۽ 13 تي ڪم جاري آهي جڏهن ته دانش اسڪول ڪري اسلام آباد ۾ ڪلاسز جي شروعات ٿي چڪي آهي. بورڊ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشمير جي باغ ۽ ڀنڀر جڏهن ته گلگت بلتستان جي گانڇي، سلطان آباد ۽ استور ۾ دانش اسڪولز جي تعمير ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندي ۽ ڪلاسز جي شروعات اپريل 2027ع ۾ ٿيندي. دانش اٿارٽي بورڊ دانش اسڪولن جي استادن جي تربيت جي لاءِ عالمي معيار جو ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. قائم ٿيڻ کانپوءِ هي ادارو سڄي پاڪستان جي تربيتي ادارن جي لاءِ ماڊل ادارو هوندو. اجلاس کي دانش اٿارٽي جي تجويز ڪيل انتظامي ڍانچي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اٿارٽي جي انتظامي ڍانچي کي مختصر رکيو وڃي ۽ ان تي گهٽ کان گهٽ وسيلا خرچ ڪيا وڃن. بورڊ اجلاس دانش اسڪول اٿارٽي رولز، مئنيجنگ ڊائريڪٽر رولز ۽ ٻين قاعدن جي اصولي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ ضابطي جي ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس دانش اسڪولن کي الاٽ ڪيل سموري زمين دانش اسڪول اٿارٽي جي نالي ٽرانسفر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني.