اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي معاونت سان چئلينج اسپيشل اڪنامڪ زون لاهور جي پهرين مرحلي جي مالياتي معاهدن تي صحيحن واري تقريب

اسلام آباد - 29 جولاءِ (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي معاونت سان چئلينج اسپيشل اڪنامڪ زون (ايس اي زي) لاهور جي پهرين مرحلي جي مالياتي معاهدن تي صحيحن واري تقريب وزيراعظم آفيس اسلام آباد ۾ ٿي. اها اڳڀرائي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي، سيڙپڪاري جي فروغ ۽ اقتصادي استحڪام طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. تقريب جي شروعات ايس آءِ ايف سي جي سيڪريٽري …

اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي معاونت سان چئلينج اسپيشل اڪنامڪ زون (ايس اي زي) لاهور جي پهرين مرحلي جي مالياتي معاهدن تي صحيحن واري تقريب وزيراعظم آفيس اسلام آباد ۾ ٿي. اها اڳڀرائي پاڪستان ۾ صنعتي ترقي، سيڙپڪاري جي فروغ ۽ اقتصادي استحڪام طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. تقريب جي شروعات ايس آءِ ايف سي جي سيڪريٽري جميل احمد قريشي ڪئي. هن چيو ته خصوصي اقتصادي زونز ملڪ ۾ صنعتي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ايس آءِ ايف سي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ ۽ قومي اهميت وارن منصوبن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندي. تقريب ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي ۽ مالياتي معاهدن تي صحيحن جي عمل جا گواهه بڻيا. چئلينج فيشن (پرائيويٽ) لميٽيڊ پاران تيار ڪيل چئلينج اسپيشل اڪنامڪ زون لاهور جي پهرين مرحلي جي لاءِ سمورا مالياتي معاهدا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منصوبي جي لاءِ گهربل مالي وسيلن جي فراهمي يقيني بڻجي وئي آهي جنهن سان منصوبي تي عملي ڪم وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌي سگهندو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ وڌندڙ سيڙپڪاري ٻنهي ملڪن جي مضبوط ٿيندڙ معاشي لاڳاپن جي عڪاس آهي. وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر ان اڳڀرائي جي آجيان ڪندي چيو ته اهڙا منصوبا صنعتي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ قومي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. تقريب ۾ چئلينج گروپ جي اعلى نمائندن کانسواءِ دي بئنڪ آف پنجاب، پاڪ چائنا انويسٽمينٽ ڪمپني لميٽيد، حبيب ميٽروپوليٽن بئنڪ لميٽيد، بئنڪ آف خيبر، بئنڪ اسلامي پاڪستان لميٽيڊ ۽ پاڪ ليبيا هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ جي سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. انهن ادارن جي شموليت ان ڳالهه جو واضح اظهار آهي ته پاڪستان جي سيڙپڪاري ماحول ۽ قومي اهميت وارن صنعتي منصوبن تي مالياتي شعبي جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي. چئلينج اسپيشل اڪنامڪ زون لاهور کي هڪ جديد صنعتي مرڪز جي طور تي ترقي ڏني پئي وڃي جتي روانگي واپار تي ٻڌل صنعتن جي فروغ، ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ صنعتي پيداوار ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن. ايس آءِ ايف سي ان منصوبي ۾ مختلف سرڪاري ادارن، سيڙپڪارن ۽ مالياتي ادارن جي وچ ۾ موثر رابطو ۽ هم آهنگي قائم ڪندي مالياتي معاهدن جي تڪميل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايس آءِ ايف سي جي ٺوس حڪمت عملي تحت سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو پيو وڃي ته جيئن قومي اهميت وارن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪري انهن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي. ايس آءِ ايف سي سيڙپڪارن، مالياتي ادارن ۽ سمورن لاڳاپيل حصيدارن سان ويجهو تعاون جاري رکندي ملڪ ۾ سيڙپڪاري، صنعتي ترقي ۽ پائيدار اقتصادي واڌويجهه جي لاءِ پنهنجون ڪوششون مستقبل ۾ انهي ئي جذبي سان جاري رکندي.