خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي جي پي ايم سي ۾ تجويز ڪيل جامع اسٽروڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ

ڪراچي - 29 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۾ تجويز ڪيل جامع اسٽروڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي ويزن ۽ عملدرآمد جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اها بريفنگ يونيورسٽي آف ٽوليڊو جي شعبي نيورولوجي جي پروفيسر، عالمي شهرت يافته ويسڪيولر ۽ انٽروينشنل نيورولوجسٽ ۽ جي پي ايم سي جامع …

ڪراچي – 29 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۾ تجويز ڪيل جامع اسٽروڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي ويزن ۽ عملدرآمد جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اها بريفنگ يونيورسٽي آف ٽوليڊو جي شعبي نيورولوجي جي پروفيسر، عالمي شهرت يافته ويسڪيولر ۽ انٽروينشنل نيورولوجسٽ ۽ جي پي ايم سي جامع اسٽروڪ پروگرام جي باني ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد فضل زيدي پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جي چيئرمين مشتاق ڇاپرا سان گڏ ڏني. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بريفنگ دوران ڊاڪٽر فضل زيدي سنڌ ۾ فالج (اسٽروڪ) جي وڌندڙ مرض تي روشني وجهندي ٻڌايو ته ساڍا 5 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي ۾ روزانو اٽڪل 500 ماڻهو فالج جو شڪار ٿين ٿا جن مان لڳ ڀڳ 50 مريض شديد نوعيت جي فالج ۾ مبتلا هوندا آهن ۽ انهن کي انتهائي خصوصي طبي نگهداشت جي ضرورت هوندي آهي. هن وقت سر ۽ جان بچائيندڙ علاج جي فراهمي جي لاءِ عوامي صحت جي نظام ۾ هڪ جامع اسٽروڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. خاتون اول کي ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ سي وي ڊي اسڪيمڪ اسٽروڪ جي مريصن کي اهم طبي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به سنڌ ۾ اڃا تائين اهڙو ڪو جامع اسٽروڪ سينٽر موجود نه آهي جيڪو فالج جي سمورين قسمن بشمول اسڪيمڪ ۽ هيموريجڪ اسٽروڪ، پيچيده اصعابي ۽ شرياني هنگامي صورتحال، جديد نيورو انٽرونيشنل طريقه علاج، نيورو ڪريٽيڪل ڪيئر ۽ خصوصي بحالي جون خدمتون  فراهم ڪري سگهي. ڊاڪٽر فضل زيدي ٻڌايو ته هي منصوبو پاڪستان اسٽروڪ انيشي ايٽو جي ذريعي اڳتي وڌايو پيو وڃي جيڪو آمريڪا ۾ قائم هڪ غيرمنافعو ڏيندڙ ادارو آهي ۽ پاڪستان ۾ فالج جي علاج کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هي منصوبو پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن، جي پي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت جي حصيداري سان سنڌ جو پهريون سرڪاري شعبي جو جامع اسٽروڪ سينٽر قائم ڪندو جتي جديد علاج، ماهرن جي تربيت، تحقيق ۽ سڄي صوبي ۾ ٽيلي اسٽروڪ نيٽ ورڪ جي مرڪزي مرڪز جي طور تي خدمتون فراهم ڪيون وينديون. مشتاق ڇاپرا عوامي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پيشنٽ ايڊ فائونڊيسن جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته فائونڊيشن اسٽريٽجڪ فلاحي حصيدارين جي ذريعي جي پي ايم سي ۾ عالمي معيار جي طبي ڍانچي جي ترقي ۽ جديد طبي سهولتن تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تعاون جاري رکندي. وفد ايندڙ ٽن کان 5 سالن ۾ پاڪستان جو پهريون سرڪاري شعبي جو جامع اسٽروڪ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جو ڊگهي مدي وارو ويزن پڻ پيش ڪيو. ان منصوبي تحت اسٽروڪ نيورلوجسٽ ۽ نيورو انٽروينشنل ماهرن جي تربيت، علائقائي اسٽروڪ مرڪزن جي توسيع، هنگامي ريفرل نظام کي مضبوط بڻائن، علاج جي معياري پروٽوڪول لاڳو ڪرڻ ۽ ضلعي اسپتالن کي ٺوس ٽيلي اسٽروڪ نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ شامل آهي. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان اسٽروڪ انيشي ايٽو، پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن ۽ جي پي ايم سي پاران پاڪستان ۾ فالج جي علاج کي بهتر بڻائڻ جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيو. هن خصوصي اسٽروڪ سهولتن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي قابل تدارڪ موت ۽ سڄي عمر جي معذوري ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ اهڙن سمورن قدمن جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو جن سان قيمتي جانيون بچائڻ ۽ مريضن جي صحتيابي جا نتيجا بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ان عزم سان پڄاڻي تي پهتو ته جي پي ايم سي جامع اسٽروڪ سينٽر کي سرڪاري شعبي جي هڪ تاريخي صحت منصوبي جي طور تي اڳتي وڌايو ويندو جيڪو موجوده طبي سهولتن جي تڪميل ڪندي سنڌ ۾ فالج جي علاج جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ سنڌ پاڪستان جي عوام کي اعلى معيار جي خصوصي طبي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪندو. ان موقعي تي ڪراچي جو ميئر بئريسٽر مرتضى وهاب پڻ موجود هو.