سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 32 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي- 29 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 32 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگرد نيٽ ورڪ خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين جي تسلسل ۾ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مختلف …

راولپنڊي- 29 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 32 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگرد نيٽ ورڪ خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين جي تسلسل ۾ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گڏيل آپريشنز جاري آهن، جن جو مقصد دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سيڪيورٽي فورسز ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد گروهن جي 32 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. 28 ۽ 29 جولاءِ جي وچ واري رات ڪي پي ڪي جي ضلعي خيبر ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪليئرنس ۽ ٽارگٽڊ آپريشنز ڪيا ويا. انهن ڪاررواين دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي مختلف ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 24 دهشتگرد مارجي ويا. ان ئي دوران بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪيترائي آپريشنز ڪيا ويا، جتي ڇتي ويڙهه کانپوءِ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگردن کي ماريو ويو. انهن ڪارروائين دوران دهشتگردن جي استعمال هيٺ هٿيار، گوله بارود ۽ بناوتي ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪري تباهه ڪيو ويو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. قومي ايڪشن پلان بابت وفاقي ايپيڪس ڪميٽي جي منظوريءَ سان شروع ڪيل ويزن عزم استحڪام تحت پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بنا فرق دهشتگرديءَ خلاف مهم پوري شدت سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگرديءَ جي ناسُور جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائي سگهجي.