فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي ڪٿي به لِڪڻ جي جاءِ نه ملندي: گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سندن بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي ڀرپور تعريف ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز 32 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي سندن ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. ڪي …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سندن بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي ڀرپور تعريف ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز 32 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي سندن ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون اهي ڪاميابيون انتهائي تعريف ۽ فخر جوڳيون آهن. هن پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته فتنه الهندستان جي ان ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قومي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. محسن نقوي چِٽن لفظن ۾ خبردار ڪيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي ڪٿي به لِڪڻ جي جاءِ نه ملندي.