دڙي ٽائون جي چيئرمين شاهه رخ انور خان سيال پاران ٽائون ۾ اقليتي عبادتگاهن ۾ سولر سسٽم جو افتتاح

لاڙڪاڻو- 29 جولاءِ (اي پي پي) دڙي ٽائون جي چيئرمين شاهه رخ انور خان سيال، صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي هدايتن تي دڙي ٽائون جي چار اقليتي عبادتگاهن ۾ سولر سسٽم پلانٽس جو افتتاح ڪيو. افتتاح ڪيل هنڌن ۾ مسن مندر يو سي 02، مولا چوڪ مندر يو سي 05، ڪرشنا مندر رحمت پور يو سي 04 دڙي ٽائون ۽ سِک گردواره مندر …

لاڙڪاڻو- 29 جولاءِ (اي پي پي) دڙي ٽائون جي چيئرمين شاهه رخ انور خان سيال، صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي هدايتن تي دڙي ٽائون جي چار اقليتي عبادتگاهن ۾ سولر سسٽم پلانٽس جو افتتاح ڪيو. افتتاح ڪيل هنڌن ۾ مسن مندر يو سي 02، مولا چوڪ مندر يو سي 05، ڪرشنا مندر رحمت پور يو سي 04 دڙي ٽائون ۽ سِک گردواره مندر شامل آهن. چيئرمين دڙي ٽائون طرفان بلا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڄاڻايل مندرن ۽ گردوارن ۾ سولر سسٽم نصب ڪيا ويا آهن. هن قدم سان علائقي جي اقليتي برادري کي بهترين سهولت مهيا ٿيندي. افتتاحي تقريب جي موقعي تي اقليتي برادري جي معززين هن قدم کي ساراهيندي چيئرمين دڙي ٽائون شاهه رخ انور خان سيال جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سندس عوامي و فلاحي خدمتن تي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.