اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت ايندڙ 4 سالن لاءِ حج پاليسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حج 2027ع لاءِ درخواستن جي وصولي 10 کان 15 ڏينهن ۾ شروع ڪئي ويندي، سرڪاري اسڪيم جي ڪوٽا 60 سيڪڙو جڏهن ته پرائيويٽ اسڪيم جي ڪوٽا 40 سيڪڙو هوندي، جڏهن ته وفاقي ڪابينه کي ان ۾ ڦيرڦار جو اختيار هوندو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف …
مذهبي معاملن واري وزارت ايندڙ 4 سالن لاءِ حج پاليسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت ايندڙ 4 سالن لاءِ حج پاليسيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حج 2027ع لاءِ درخواستن جي وصولي 10 کان 15 ڏينهن ۾ شروع ڪئي ويندي، سرڪاري اسڪيم جي ڪوٽا 60 سيڪڙو جڏهن ته پرائيويٽ اسڪيم جي ڪوٽا 40 سيڪڙو هوندي، جڏهن ته وفاقي ڪابينه کي ان ۾ ڦيرڦار جو اختيار هوندو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو ته پاڪستان جي تاريخ جي پهرين چار سالن جي حج پاليسي 2027ع کان 2030ع قوم آڏو پيش ڪري رهيا آهيون. اها صرف هڪ پاليسي نه پر حج انتظامن ۾ هڪ بنيادي ۽ جٽادار سڌارن جي شروعات آهي، جنهن جو مقصد ڀلي پار ويندڙن کي وڌ کان وڌ سهولت، شفافيت، اعتماد ۽ معياري خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. اها پاليسي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڏور رس قيادت، خاص رهنمائي ۽ ذاتي دلچسپيءَ جو مظهر آهي. وزيراعظم جي واضح هدايت هئي ته حج جي پوري نظام کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کنيو وڃي، شفافيت کي يقيني بنايو وڃي ۽ هر مرحلي تي حاجين جي سهولت کي پهرين ترجيح ڏني وڃي. هن چيو ته ان ويزن کي هڪ جامع، عمل جوڳي ۽ مستقبل تي ٻَڌل پاليسيءَ جي صورت ۾ قوم آڏو پيش ڪري رهيا آهيون. هن آءِ ٽي وزارت ۽ نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي پوري ٽيم کي به خراجِ تحسين پيش ڪيو، جنهن مذهبي معاملن واري وزارت سان ويجهو سهڪار ڪندي حج جي نظام کي جديد ڊجيٽل بنيادن تي آڻڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. رجسٽريشن کان مانيٽرنگ، شڪايتن جي ازالي ۽ بعد ۾ حج جائزي تائين ڊجيٽل نظام جي جوڙجڪ حڪومت جي ان عزم جو مظهر آهي ته عوام کي تيز، شفاف ۽ آسان خدمتون فراهم ڪيون وڃن. اسان کي يقين آهي ته اها چار سالن واري پاليسي نه صرف آئينده ڪيترن ئي سالن لاءِ بهتر منصوبا بندي کي ممڪن بڻائيندي پر پاڪستان جي حج انتظامن کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪندي لکين حاجين جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. هن چيو ته پهريون ڀيرو 4 سالن جي حج رجسٽريشن ۽ ويٽنگ لسٽ جو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، ته جيئن حاجي پنهنجي سهولت موجب پهريان کان حج جو سال چونڊي سگهن. رهائش، ٽرانسپورٽ، ڪيٽرنگ، فضائي سفر ۽ سامان جي روانگي لاءِ 3 کان 4 سال جا معاهدا ڪري سگهجن، جنهن سان سهولتن جو معيار بهتر ۽ خرچ گهٽ ٿيندا. حج جا سمورا مرحلا، رجسٽريشن کان وٺي شڪايتن جي ازالي ۽ بعد ۾ جائزي تائين مڪمل طور تي ڊجيٽل نظام تحت انجام ڏنا ويندا. سال 2027ع کان 2030ع تائين سرڪاري ۽ نجي حج اسڪيم جي ڪوٽا ترتيبوار 60 ۽ 40 سيڪڙو برقرار رکي ويندي، جڏهن ته وفاقي ڪابينه ان ۾ ڪا تبديلي نه ڪندي. حڪومت ترتيبوار سڌيءَ ريت حج انتظام ڪرائڻ بدران نگراني، ريگيوليشن ۽ معيار کي يقيني بنائڻ جو ڪردار ادا ڪندي. جڏهن ته نجي شعبي جي شموليت ۾ واڌ ٿيندي. حاجي رجسٽريشن جي وقت اندازاً حج خرچ جو 10 سيڪڙو جمع ڪرائي پنهنجي پسند جي سال لاءِ رجسٽر ٿي سگهندا. حج آپريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن جمع ٿيل بقايائن مان ڪجهه رقم بچندي ته حاجين کي واپس ڏني ويندي. سرڪاري ۽ نجي ٻنهي حج انتظامن جو آزاداڻي ٿرڊ پارٽيءَ ذريعي غير جانبدار جائزو ورتو ويندو ته جيئن خدمتن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. سمورن نجي حج ڪمپنين لاءِ پرائيويٽ حج مئنجمينٽ پورٽل جو استعمال لازمي هوندو، جنهن ذريعي بڪنگ، ادائيگين، نگراني ۽ آڊٽ مڪمل طور تي ڊجيٽل انداز ۾ ٿيندي. حج جون سموريون ادائگيون صرف حڪومت جي مقرر ڪيل بئنڪاري ذريعن سان ڪيون وينديون، جنهن سان شفافيت ۽ مالي تحفظ يقيني هوندو. نئين حج پاليسيءَ کي سعودي ويزن 2030ع ۽ عالمي معياري طريقيڪار سان هم آهنگ بڻايو ويو آهي ته جيئن شفافيت، ڊجيٽل نظام، جوابدهي ۽ حاجين کي بهترين سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته مان پوري يقين سان چوڻ چاهيان ٿو ته حج پاليسي 2027ع کان 2030ع پاڪستان ۾ حج انتظامن جي هڪ نئين باب جي شروعات آهي. اها پاليسي شفافيت، ميرٽ، ڊجيٽل گورننس، جوابدهي ۽ حاجين جي فلاح کي بنياد بڻائي تيار ڪئي وئي آهي. اسان جو مقصد صرف انتظام ڪرڻ نه پر هر پاڪستاني حاجي کي اهڙو بااعتماد، آسان ۽ باوقار سفر فراهم ڪرڻ آهي، جيڪو ان عظيم عبادت جي شان ۾ هجي، مان هڪ ڀيرو وري وزيراعظم جو دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو جنهن جي مسلسل رهنمائي، ڀرپور سرپرستي ۽ خاص توجهه سان انهن اهم سڌارن کي عملي ڏني ڏني. اهڙيءَ طرح نيشنل آءِ ٽي بورڊ ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ ان جي سمورين ٽيمن کي مبارڪون جنهن ڏينهن رات محنت ڪري هڪ جديد، شفاف ۽ مؤثر حج نظام جو بنياد رکيو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير جو چوڻ هو ته شروعاتي طور تي حج خرچ جو ڪاٿو 12 کان 13 لک لڳايو ويو آهي ان ۾ ڦيرڦار به ٿي سگهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري ابرار احمد مرزا چيو ته پرائيويٽ ٽوئر آپريٽر کي حج ڪوٽا جو تعداد گهٽ کان گهٽ 2 هزار هوندو ۽ وڌ کان وڌ 3 هزار هوندو، پرائيويٽ اسڪيم جو ڪوبه حاجي سڌيءَ ريت ٽوئر آپريٽر کي ادائگي نه ڪري سگهندو، پر اهو ادائگي به آن لائن پورٽل ذريعي ڪندو. هن چيو ته ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن ۾ حج درخواستن جي وصولي شروع ٿيندي ۽ رقم ٻن قسطن ۾ وصول ڪئي ويندي. وزارت حاجين لاءِ سيونگ اسڪيم جو به جلد اعلان ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ سردار محمد يوسف چيو ته هاڻ تائين پاڪستان جي حج ڪوٽا هڪ لک 79210 آهي، ايندڙ 4 سالن لاءِ رجسٽريشن ڪرائڻ وارو ڪوبه ماڻهو پنهنجي مرضيءَ موجب 2027ع کان 2030ع تائين ڪنهن به سال لاءِ درخواست ڏيڻ لاءِ اهل هوندو.










