پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو، جيڪو سيڪيورٽي ادارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو ثبوت آهي. …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو، جيڪو سيڪيورٽي ادارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو ثبوت آهي. قوم پنهنجي شهيدن ۽ غازين جي قرضي آهي ۽ ساڻن گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ امن کي نقصان پهچائيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، عزم استحڪام تحت دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي.