راولپنڊي- 29 جولاءِ (اي پي پي) ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا هلالِ امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ چيف آف دي ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا هلالِ امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ …
ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا جي نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات
راولپنڊي- 29 جولاءِ (اي پي پي) ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا هلالِ امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ چيف آف دي ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا هلالِ امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، نشانِ امتياز، (ملٽري)، تمغه بسالت سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ هن ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، نشانِ امتياز (ملٽري)، هلالِ جرائت سان پڻ ملاقات ڪئي. چيف آف دي نيول اسٽاف ۽ چيف آف دي ايئر اسٽاف جنرل سيد عامر رضا کي نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي پهرين ڪمانڊر جي حيثيت سان ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. ملاقاتن دوران پيشيوراڻن معاملن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











