لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارراوئيون جاري، 7 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو- 29 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن مطابق لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف ڪاروائيون جاري آهن. پوليس ترجمان موجب مختلف هنڌن تي ڪيل ڪارروائين دوران مجموعي طور تي 07 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن. ان دوران وڏي مقدار ۾ منشيات پڻ ھٿ ڪئي وئي آهي ۽ گرفتار جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا …

لاڙڪاڻو- 29 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن مطابق لاڙڪاڻو پوليس جون ڏوهارين ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف ڪاروائيون جاري آهن. پوليس ترجمان موجب مختلف هنڌن تي ڪيل ڪارروائين دوران مجموعي طور تي 07 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن. ان دوران وڏي مقدار ۾ منشيات پڻ ھٿ ڪئي وئي آهي ۽ گرفتار جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. دڙي ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ منشيات فروش عورت جوابدار کي 10 ڪلو 446 گرام منشيات / ڀنگ سميت گرفتار ڪيو ورتو آھي. ٻي ڪاروائي ۾ ڪيٽي ممتاز پوليس پوليس کي گهربل جوابدار ٻڍل ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان کان علاوه حيدري پوليس مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪاروائيون ڪندي ٻن گھربل جوابدارن سميت 05 جوابدارن شاهنواز جتوئي، نسيم سومرو، زاهد ٽڳڙ، بابر بروهي ۽ راحب چانڊيو کي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته انهن خلاف قانوني ۽ ضابطي واريون ڪاروائيون جاري آهن.