چيني ڪمپنين جي ڪردار عيوض سيڙپڪاريءَ سان پاڪستان ۾ خوشحاليءَ کي هٿي ملي رهي آهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پارليامينٽ هائوس ۾ تاباني گروپ ۽ عوامي جمهوريه چين جي وڏي سرڪاري انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاري ادارن ۾ شامل شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ ڪمپني لميٽيڊ (ايس ڊي ايڇ ايس) جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ، انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورت، توانائي، لاجسٽڪس، صنعتي ترقي ۽ ٻين اسٽريٽجڪ …

اسلام آباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پارليامينٽ هائوس ۾ تاباني گروپ ۽ عوامي جمهوريه چين جي وڏي سرڪاري انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاري ادارن ۾ شامل شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ ڪمپني لميٽيڊ (ايس ڊي ايڇ ايس) جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ، انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورت، توانائي، لاجسٽڪس، صنعتي ترقي ۽ ٻين اسٽريٽجڪ شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي نَون موقعن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ جي وفد جي اڳواڻي اداري جي چيئرمين شوزيانگ ڪئي، جڏهن ته وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر وانگ زين رونگ ۽ تاباني گروپ جي چيئرمين حمزه تاباني به شامل هئا. وفد جي آجيان ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پُختي سهڪار تي ٻَڌل هڪ لازوال ۽ آزمايل رشتو آهي. هن چيو ته چين هر ڏُکيءَ گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي ۽ پاڪستاني عوام ان مخلصاڻي دوستيءَ کي بيحد قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۾ چيني ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي نمايان ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سندن سيڙپڪاريءَ سان ملڪ ۾ خوشحاليءَ کي هٿي ملي رهي آهي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ پائيدار اقتصادي ترقيءَ جي راهه هموار ٿي رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جو هڪ تاريخي منصوبو ۽ روشن مثال قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ علائقائي رابطن، اقتصادي انضمام ۽ ڊگهي مُدي واري ترقيءَ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ هٿي اختيار ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ گڏيل خوشحاليءَ کي هٿي ملندي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول جي فراهميءَ لاءِ پُرعزم آهي ۽ چيني ادارن طرفان پاڪستان جي ترقي ۾ دلچسپيءَ جي آجيان ڪري ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) هڪ اهم قومي قدم آهي جنهن جو مقصد سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، اقتصادي استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۽ عوام لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته سينيٽ اهڙيون پاليسيون ۽ قانونسازيءَ جي ڀرپور حمايت جاري رکندي جيڪي شفاف، سيڙپڪار دوست ماحول، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ قومي خوشحاليءَ کي يقين بڻائين. وفد سينيٽ چيئرمين کي شينڊونگ هاءِ اسپيڊ گروپ جي عالمي سرگرمين کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته ادارو ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، تيز رفتار ريل، ايڪسپريس وي، توانائي، لاجسٽڪس ۽ صنعتي ترقيءَ جي شعبن ۾ وڏو تجربو رکي ٿو. وفد پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ويزن کان به آگاهه ڪيو ۽ـ ملڪ جي اقتصادي ترقيءَ ۾ ڊگهي مُدي واري ڀائيواريءَ ذريعي پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں